لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) هڪ عورت مداح پاڪستاني ڪرڪيٽر شاداب کان چيڙائيندڙ سوال پڇندي چيو ته ”اڄ ڪلهه ڇڪا ڇو ٿو کائين؟“ ميڊيا رپورٽن موجب ٽيم ۾ خراب ڪارڪردگي جي ڪري شاداب خان تي اڄ ڪلهه سخت تنقيد ٿيڻ لڳي آهي. انهي سلسلي ۾ هڪ ڏينهن اڳ شاداب خان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي. جنهن ۾ هڪ عورت فوٽو ڪڍندي انوکو سوال ڪيو ته اڄ ڪلهه توکي رڳو ڇڪا ڇو ٿا لڳن؟ جنهن تي ڪرڪيٽر شاداب ڪو به جواب نه ڏنو ۽ جواب ڏيڻ بدران عورت کي آٽوگراف ڏنو ۽ مسڪرائيندي نڪري ويو.  شاداب خان جي هن وڊيو وائرل ٿيڻ تي دلچسپ تبصرا به ڪيا پيا وڃن. ڪي ماڻهو سوال ڪندڙ عورت کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن ته ڪي ماڻهو وري جواب نه ڏيڻ تي شاداب خان تي تنقيد ڪن پيا.