اسلام آباد (م ڊ) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته پي ٽي ايم اتحاد ٽٽڻ سبب تحريڪ انصاف کي آزاد ڪشمير ۽ سيالڪوٽ اليڪشن ۾ ڪاميابي ملي، نواز ليگ حڪومت کي پنج سال پورا ڪرڻ جو موقعو ڏنو، هاڻ به اپوزيشن متحده ٿئي ۽ نواز ليگ بي اعتمادي رٿ آڻي ته 15 کان 20 ڏينهن ۾ پنجاب حڪومت ڊهي پوندي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائرا چيو ته آزاد ڪشمير ۾ تحريڪ انصاف جو کٽڻ ڪو حيرت جوڳو نه آهي، پيپلزپارٽي ٻن پارٽين سان مقابلو ڪيو، وفاقي حڪومت سان به مقابلو ڪيو ته آزاد ڪشمير ۾ نواز ليگ جي حڪومت کي به منهن ڏنو، اسان 3 سيٽن مان 11 سيٽن تي اچي ويا آهيون، پيپلزپارٽي سٺو مقابلو ڪيو آهي. هن چيو ته سيالڪوٽ ۾ نواز ليگ کي شڪست ملي، پي ڊي ايم ۾ سڀ متحده هئاسين ته اسان ضمني اليڪشن ۾ ڪامياب ٿياسين، سينيٽ اليڪشن ۾ به حڪومت کي سوڙهيو ڪيو، جنهن بعد وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻو آهي. هن چيو ته نواز ليگ پنجاب حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ نه آندي، وفاقي حڪومت کي به پنج سال ڏيڻ جو تاثر ڏنو، نواز ليگ اندر ٻه موقف آهن. هن اپوزيشن کي ٻيهر گڏجڻ جي آڇ ڪندي چيو ته جيڪڏهن هاڻ به پي ڊي ايم متحده ٿئي ۽ نواز ليگ نيڪ نيتي سان پنجاب ۾ بي اعتمادي رٿ آڻي ته بوزدار حڪومت 15 کان 20 ڏينهن ۾ ڪيرائي سگهجي ٿي ۽ حڪومت کي اڳ کان وڌيڪ ٽف ٽائيم ڏئي سگهون ٿا. سنڌ ۾ پي ٽي آءِ پاران حڪومت ٺاهڻ جي دعويٰ تي قمر زمان ڪائرا چيو ته پي ٽي آءِ ڀلي سنڌ ۾ ڪوشش ڪري، اڳ به هنن لاءِ مختلف ڪوششون ڪيون ويون پر ناڪام ويا.