اپوزيشن جو احتجاج ۽ گورنر جا اعتراض رد، مڪاني ادارن جو ترميمي بل منظور

0
398

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسميبلي ۾ اپوزيشن جماعتن جي سخت احتجاج ۽ گورنر جي اعتراض باوجود پيپلز پارٽي مڪاني ادارن جو ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائي ورتو

بل تي ڳالهائڻ جو موقعو نه ملڻ تي اپوزيشن ميمبرن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ نا منظور نا منظور جا نعرا هنيا ويا ۽ بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون

ترميمي بل ذريعي ضلعي جي ايس ايس پي ضلعي لوڪل ڪائونسل کي رپورٽ ڪرڻ جو پابند هوندو، خواجه سرا (کدڙن فقيرن) کي هڪ سيٽ هر بلدياتي اداري ۾ هوندي ۽ ان سان گڏو گڏ اسپيشل پرسن لاءِ به هڪ سيٽ لازمي هوندي

اجلاس ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته اسان مخالف ڌر جون سڀ تجويزون مڃيون آهن، ميئر کي بااختيار بڻايو آهي، ميئر واٽر بورڊ جو وائيس چيئر مين ۽ سالڊ ويسٽيج بورڊ جو چيئرمين به هوندو