ڪراچي (م ڊ) وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اپوزيشن جون ملاقاتون  حڪومت کي ڪجهه به نه ٿيون ڪري سگهن، پي ٽي آءِ ۾ ڪو به گروپ نه آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اپوزيشن اڳواڻن جون ملاقاتون ڪجهه به نه آهن. ق ليگ پي ٽي آءِ کي نقصان پهچائي ن ليگ کي فائدو ڏئي ته کين ڇا ملندو؟ ائين ئي ايم ڪيو ايم وارا اسان کي نقصان ڏئي پ پ کي ڇو فائدو ڏيندا؟ هن چيو ته ن ليگ اسان جي 22 ميمبرن کي ٽڪيٽ جي گارنٽي ڏئي حڪومت ڪيرائي ڇڏي. هي پهرئين ڏينهن کان حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر کين ناڪامي نصيب ٿي سينيٽ ۾ اڪثريت باوجود هارائي ويا. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ ڪو به گروپ نه آهي، رڳو هڪ ئي گروپ آهي اهو آهي عمران خان جو گروپ. جيڪو پارٽي رهندو اهو عمران خان جي هٿ هيٺ ئي رهندو.