ڪراچي (م ڊ) ايڪسچينج ڪمپنين تي وڌهولڊنگ ٽيڪس لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ڊالر جي قيمت 200 رپين کان به وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ايڪسچينج ڪمپنين موجب ايف بي آر ڪروڙين رپيا وصول ڪرڻ لاءِ نوٽيس اماڻيا آهن، ان قانون تحت ٽيڪس گهريو پيو وڃي جيڪو 2016ع ۾ ختم ڪيو ويو هو اضافي ٽيڪس عوام تي لاڳو ڪئي ويندي جنهن سان ڊالر جي قيمت 200 رپين کان وڌي سگهي ٿي. ان سان وري بليڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار ٿيندو.