ايڊيشنل آءِ جي تائين ترقيون ۽ مقرريون سنڌ حڪومت ڪندي، مسودو تيار، ڪاميٽي قائم

0
283
پ پ قيادت وڏي وزير

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ڪابينا پوليس ڪيڊر واري قانون جي ڊرافٽ جو حتمي جائزو وٺڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، ڪالهه  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا اجلاس  ۾ گهرو کاتي ڪابينا کي بريفنگ ڏني ته سنڌ پوليس ۾ سينئر رينڪ سپريٽينڊنٽ آف پوليس گريڊ 18 کان ايڊيشنل آءِ جي پوليس گريڊ 21 لاءِ ڀرتي واري قانون جو مسودو تيار ڪيو آهي

انسپيڪٽر جنرل آف پوليس جي رينڪ کان هيٺ سينئر رينڪ جي عهدن تي مقرري سنڌ سول سرونٽ ايڪٽ 1973 تحت جوڙيل قانون موجب ڪئي ويندي. جنهن مطابق 21هين گريڊ جي ايڊيشنل آئي جي لاءِ 20هين گريڊ جي ڊي آئي جيز جي گهٽ ۾ گهٽ 22 سال جي سروس گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي جي لاءِ لازمي آهي، گڏوگڏ گريڊ 20 ۾ ٽي سال سينيارٽي ۽ فٽنس جي بنيادن تي ترقي ملندي، سينئر سپرنٽينڊنٽس آف پوليس يا اي آءِ جي پوليس گريڊ 19 ۾ ترقي لاءِ گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 17 سال جي سروس، گڏوگڏ گريڊ 19 ۾ ٽي سال سينيارٽي ۽ فٽنس لازمي هوندي،  ايس ايس پي يا اي آءِ جي طور 19هين گريڊ ۾ ترقي لاءِ 18هين گريڊ ۾  گهٽ ۾ گهٽ 12 سال جي سروس 17هين گريڊ کان مٿي جي گهربل هوندي ۽ 18هين گريڊ ۾ ٽي سال سينيارٽي ۽ فٽيننس جي بنيادن تي ٿي سگهندي، 18هين گريڊ ۾  ايس پي يا اي ڊي آءِ جي طور ترقي  لاءِ 17 هين گريڊ ۾ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس سان گڏ گهٽ ۾ گهٽ پنج سالن جي سروس سينيارٽي ۽ فٽننس جي بنيادن تي ٿيندي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته آئين ۽ پي ايس پي رولز 1985 ۾ صوبائي حڪومت کي سبجيڪٽ ريڪروٽمنٽ رولز بڻائڻ لاءِ ڪا به روڪ ناهي، ۽  نه ئي وفاقي حڪومت کان ڪنهن قسم جي منظوري يا مشورو ضروري آهي، پوليس سروس جو معاملو وفاقي قانون سازي جي فهرست ۾ شامل نه آهي

ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس جي قانون سازي جي اهليت کي خاص طور تي صوبائي ڊومين قرار ڏنو آهي. ۽ ان کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ فائنل شڪل ڏني وئي، ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پوليس صوبائي سبجيڪٽ آهي،  جنهن بعد ڪابينا پاران  توانائي واري وزير امتياز شيخ جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي صنعت واري وزير اڪرام الله ڌاريجو، قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، ايڊووڪيٽ جنرل ، چيف سيڪريٽري ۽ گهروکاتي بابت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي ميمبر مقرر ڪندي هڪ مهيني ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته ڪاميٽي ۾ ڪو به ڄاڻو ماڻهو به ميمبر طور شريڪ ٿي سگهي ٿو.