خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت هڪ سول ڪيس ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ تعلقي ميونسپل آفيسر جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ۾ پيش ڪرائڻ لاءِ پوليس کي حڪم. خبر موجب خيرپور جي فرسٽ سينئر سول جج سونيا اعواڻ جي عدالت ۾ مسمات خاتون زهريٰ طرفان غلام نبيءَ خلاف داخل ڪرايل هڪ سول ڪيس ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ تعلقي ميونسپل آفيسر جي مسلسل غير حاضر رهڻ سبب سندن گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي خيرپور پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.