ايڇ آءِ وي پکيڙيندڙن کي ڪير پڪڙيندو؟

0
40
ايڇ آءِ وي پکيڙيندڙن کي ڪير پڪڙيندو؟

 ايڇ آءِ وي جو مطلب ھيومن اميونو ڊيفيشنسي وائرس آھي. انساني جسم بيماري پيدا ڪندڙ جيوڙن سان پنھنجي رت ۾ موجود دفاعي جيوو گھرڙن جي ذريعي ويڙھ ڪندو آھي. جنھن کي انگريزيءَ ۾ اميون سيلس چوندا آھن. اسان روزمره جي عام جيوڙن کي پنھنجي رت ۾ موجود دفاعي جيوِ گھرڙن جي ذريعي ماري ختم ڪري ڇڏيندا آھيون. پر ڪجھ جيوڙا اھڙا ھوندا آھن جيڪي اسان جي ان صلاحيت کي ختم ڪري ڇڏيندا آھن. جنھن جو مثال ايڇ آءِ وي وائرس آھي. اھو جيڪڏھن ڪنھن جي جسم ۾ داخل ٿيو ته اھو وائرس رت ۾ موجود دفاعي جيوِ گھرڙن کي کائي ختم ڪري ڇڏيندو آھي، جنھن جي ڪري انساني جسم بيماري پيدا ڪندڙ جيوڙن سان مقابلو ناھي ڪري سگھندو. پر ايڇ آءِ وي اسان جي دفاعي جيوِ گھرڙن کي يڪدم نه پر سالن ۾ کائيندو آھي.

سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي ٻارڙن تائين ڪير ٿو پھچائي؟

سنڌ ۾ 1 کان 12 سالن تائين جي ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي جو سڀ کان وڏو تعداد لاڙڪاڻي ۾ رپورٽ ٿيو. لاڙڪاڻي ۾ پوليس جي “’مھربانين” سان موالين ۾ نشي آور سُين جو استعمال عام آھي. پھريان ڪنھن ھڪ مواليءَ کي ايڇ آءِ وي جو وائرس ھوندو، پوءِ ان موالي نشي واري سرنج ڀري پاڻ کي ھنئي ھوندي. اھا ساڳي سرنج جي چھنب کي موالي جي رت مان ايڇ آءِ وي (وائرس) لڳي چڪو ھوندو. اھا سرنج ڀر واري موالي کي به ڏني ته اھو به نشي آور دوا پنھنجو پاڻ کي ھڻي. ائين اھو ايڇ آءِ وي (وائرس) انفيڪشن ھڪ مان ٻن، ٻن مان چئن پوءِ تقريبا سمورن موالين کي ٿيو ھوندو. اھو ايڇ آءِ وي متاثر ڪو موالي بيمار ٿيو ھوندو ته ڪنھن عطائي يا عطائي ٽائيپ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ڏي علاج لاءِ ويو ھوندو، جتي ان ايڇ آءِ وي متاثر موالي کي علاج لاءِ سرنج ھنئي ھوندي ۽ اھا ساڳي سرنج جنھن کي ايڇ آءِ وي متاثر موالي جو خون لڳي چڪو ھوندو، اھا نه ڄاڻ ڪيترن ٻارڙن تي استعمال ٿي ھوندي، جنھن جي ڪري ٻارڙن ۾ اھو مرض تيزي سان ڦھلجي رھيو آھي. لاڙڪاڻي جي سول اسپتال ۾ ته ايڏا “ھوشيار” ڊاڪٽر ويٺا آھن جو کين اھا به خبر نه پئي ته ايڇ آءِ وي متاثر مريضن جي لاءِ الڳ ڊائلاسز مشين استعمال ڪجي ۽ ھيپاٽائيٽس مريضن جي لاءِ الڳ ڊائلاسز مشين استعمال ڪجي ۽ جنھن کي ڪو انفيڪشن ناھي ته اھڙن مريضن جي لاءِ الڳ ڊائلاسز مشين استعمال ڪجي. ان جي ڪري به اتي مرض ڦھليو. وري رتي ديري جي نفسياتي ۽ ايڇ آءِ وي متاثر مريض ڊاڪٽر پنھنجي رت مان سئي ڀري ٻين ٻارڙن تي اھا سئي استعمال ڪري اتي جي ٻارڙن کي ايڇ آءِ وي ڏئي ڇڏي. سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾، ضلعي ھيڊڪوارٽرن ۾ به عطائي ڊاڪٽرن جا لشڪر ويٺا آھن، اھي ته ٿيا ئي عطائي. اھي سُين جي ذريعي ايڇ آءِ وي ته ڦھلائيندا ئي ھوندا پر جيڪي ميڊيسن جي ڊگري حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر آھن، انھن جي اسپتالن مان به ماڻھن کي ايڇ آءِ وي، ھيپاٽائٽس ۽ ٻيا وائرس لڳن ٿا، ڇاڪاڻ ته اھي ته وبائي بيمارين کان بچڻ لاءِ ڊبليو ايڇ او جي ڏسيل اصولن تي عمل نه ٿا ڪن. ايڇ آءِ وي متاثر ماڻھوءَ جي ڏندن جو علاج ڪرايو ۽ اھي اوزار ٻيھر ڪنھن ماڻھوءَ تي استعمال ٿيا ته اھو ايڇ آءِ وي کان متاثر ٿي سگھي ٿو. ايڇ آءِ وي متاثر ماڻھو ڪنھن حجم جي دڪان تي وار يا ڏاڙھي ٺھرائڻ ويو ۽ اتفاق سان قئنچي جو ٽڪو لڳو، رت وھيو ۽ اھا قئنچي ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ تي استعمال ٿي ته اھو ماڻھو متاثر ٿي سگھي ٿو. ايڇ آءِ وي مريضه نڪ ڪن ٽوپايو ۽ اھا ساڳي سُئي جنھن سان مريضه جو ڪن نڪ ٽوپيا ويا آھن ته عورت ايڇ آءِ وي جي مريض ٿي سگھي ٿي. سنڌ ۾ اسپتالن ۾ طب جي واضح اصولن تي ھلرائڻ لاءِ سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جو ادارو ٺاھيو ويو آھي، جيڪو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جيان “ڪميشن” وٺي ڏيتي ليتي تي ڪم ھلائي رھيو آھي. اتي نا اھلن جو ھڪ وڏو لشڪر ڀرتي ڪيو ويو آھي، جيڪو ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪريو ويٺو آھي. اتي ڪنھن به ميرٽ واري ماڻھو کي ٽڪڻ نه ٿو ڏنو وڃي. ان ۾ جي ميرٽ تي ماڻھو ڀرتي ٿيل ھجن ھا ته لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي ڦھلجڻ کان پوءِ ڪنھن ٻئي علائقي ۾ ايڇ آءِ وي ڦھلجڻ جون خبرون نه ملن ھا.

ايڇ آءِ وي مان متاثر ٻارڙن جو تعداد

وائرس ھڪ وبائي بيماري آھي، ڪو ھڪ ماڻھو وائرس جي ڪري متاثر ٿيو ۽ جي ان ماڻھو کي وائرس جي ڦھلجڻ کان بچڻ لاءِ مڪمل ڄاڻ ناھي ته اھو ماڻھو ٻئي ماڻھوءَ کي متاثر ڪري سگھي ٿو. ان کي سائنسي ٻولي ۾ “آر ناٽ ريشو” چيو ويندو آھي. ايڇ آءِ وي جو متاثر مريض 2 کان 5 ماڻھن کي متاثر ڪري سگھي ٿو. لاڙڪاڻي ۾ 26041 ماڻھن کي ايڇ آءِ وي لاءِ چڪاسيو ويو، جنھن مان 751 کي ايڇ آءِ وي متاثر ھئا. ھڪ ٻي رپوٽ موجب ميرپورخاص ۾ 289 ماڻھن جي چڪاس ڪئي وئي، جنھن مان 29 ڄڻن کي ايڇ آءِ وي نڪتي. ھاڻي ان مان ھر ھڪ ماڻھو سراسري طور 2 کان 5 ماڻھن تائين اھو وائرس ڦھلائي سگھي ٿو. جنهن جي ڪري ايڇ آءِ وي ويندو وڌندو.

ايڇ آءِ وي ڦھلائيندڙ ماڻھوءَ جي جاچ ڪيئن ڪجي؟

ھي سائنسي دور آھي. ھن دور ۾ ڪنھن به ڳالھ کي لڪائڻ تمام ڏکيو آھي. ايڇ آءِ وي ڦھلائڻ واري ڊاڪٽر يا عطائي ڊاڪٽر جي ڳولا ڪرڻ تمام سولو ڪم آھي. سڀ کان پھريان اسان کي اھا خبر آھي ته ايڇ آءِ وي جا گھڻا قسم آھن؟ اسان ميرپورخاص ۾ ايڇ آءِ وي سان متاثر ٿيل ٻارڙن جا سيمپل وٺنداسين. ان کان پوءِ انھن سيمپلز کي ماليڪولز جينيٽڪس جي ليبارٽري موڪلي وائرس جي قسم جو آر اين اي سيڪوئنس جو پتو لڳائبو. اھا خبر پوڻ کان پوءِ ھڪ سافٽ ويئر جي مدد سان وائرس جو شجرو ٺاھبو. جنھن کان پوءِ ساڳي قسم جي وائرس سان متاثر ٿيل ماڻھن جي تعداد جو ڪاٿو لڳائبو. ان کان پوءِ اھو سافٽ ويئر ٻڌائي سگھندو ته اھي ڪيس ڪٿان شروع ٿيا؟ پوءِ ان ڊيٽا کي پبلڪ ھيلٿ ۽ بيمارين جي ڦھلجڻ بابت ماھرن جي مدد سان ھڪ سائنسي اندازي موجب ان ڊاڪٽر تائين پھچي سگھجي ٿو، جنھن جي اسپتال مان اھو وائرس ڦھليو ھوندو. اھو پتو لڳائڻ کان پوءِ ان تي ڪيس داخل ڪري کيس سزا ڏيارجي، جيڪو ماڻھو ڄاڻي ٻجھي اھڙي غلط ميڊيڪل پريڪٽس ۾ ملوث آھي، جنھن جي ڪري مريض جي جان وڃي سگھي ٿي.

اسان جو ڪردار ڪھڙو ھجڻ گھرجي؟

ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ھجن يا عطائي ڊاڪٽر، اھي جيڪڏھن غلط يا غير اخلاقي، غير قانوني ميڊيڪل پريڪٽس ۾ ملوث آھن, انهن جي خلاف ڊي ايڇ او کي درخواست ڏئي ان جي اسپتال بند ڪرايو. ۽ ان جي جاءِ تي کيس اھا به درخواست ڏيو ته اوھان جي علائقي ۾ ھوشيار ايم بي بي ايس ڊاڪٽر موڪلي يا ھوشيار ميڊيڪل اسٽاف موڪلي. گھڻو ڪري ته ڊي ايڇ او صاحب جيڪو تڪ جي ايم پي اي يا ايم اين صاحب جي اوطاق ھلائيندو ھوندو، اھو عمل ڪونه ڪندو. جي اھو عمل نه ٿو ڪري ته سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن کي لکو، اوھان صحت ڊائريڪٽر جنرل کي لکو ۽ پوءِ صحت  جي سيڪريٽري کي لکو. جي ان سان ڪو کڙ تيل نه ٿو نڪري ته اوھان ڪو سٺو وڪيل ڪري ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪريو، جنھن ۾ اھي سمورا ڪاغذ پٽ شامل ڪريو، ڪورٽ سڳوري اوھان جي علائقي ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار بند ڪرائي سگھي ٿي.

حڪومت کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟

فوري طور سڄي سنڌ جي ماڻھن جي ايڇ آءِ وي چڪاسڻ لاءِ عام مھم ھلائي. جيڪي ايڇ آءِ وي متاثر آھن انھن جي لاءِ ھر تعلقي سطح جي الڳ وارڊ قائم ڪيو وڃي، جنھن ۾ ايڇ آءِ وي جي ڊبليو ايڇ او جي رھنما اصولن موجب علاج ٿئي. عطائي ڊاڪٽرن جي خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ کين جيل ۾ وڌو وڃي. ايڇ آءِ وي جي ڄاڻ عام ڪرڻ لاءِ اسڪولن جي ڪتابن ۾ سبق شامل ڪيا وڃن. ايڇ آءِ وي جي دوائن جو فوري بندوبست ڪيو وڃي. ايڇ آءِ وي تحقيق لاءِ ادارو ٺاھيو وڃي. ھر اسپتال ۾ انفيڪشن ڪنٽرول آفيسر مقرر ڪيا وڃن. ھر قسم جي مرض جو علاج ڪرڻ کان اڳ ۾ ايڇ آءِ وي جي ٽيسٽ کي لازمي قرار ڏنو وڃي، شادي جي لاءِ ميڊيڪل فٽنس سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو وڃي. سرنج جي بيجا استعمال تي پابندي مڙھي وڃي. حجامن کي ايڇ آءِ وي جي تعليم ڏيڻ لاءِ ميونسپل آفيسن ۾ فزيالاجي ۽ مائڪروبايولاجي جي گريجوئيٽس کي بطور ھيلٿ آفيسر ڀرتي ڪيو وڃي. ميونسپل ھيلٿ آفيسر ھر ان اسپتال تي ڏنڊ ھڻن، جيڪا ميڊيڪل ڪچرو ڦھلائي ٿي. انفيڪشن تي ڪنٽرول نه ٿي ڪري.