ايٽمي تڪرار جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ گهرجي

0
198
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

انسان کي هونئن ته سماجي جانور چيو ويندو آهي پر جيڪڏهن دنيا ۾ عبدالستار ايڌي، مڌر ٽريسا، نيلسن منڊيلا، پوپ جان پال جهڙا انسان پيدا ٿين ته پوءِ اهو مڃڻ مشڪل ٿيو پوي ته ڪو انسان سماجي جانور آهي پر جڏهن هٽلر، هلاڪو خان، چنگيز خان، جنرل ضيا، جارج بش جهڙن ماڻهن جي ڪرتوتن تي نظر پوندي آهي ته پوءِ احساس ٿيندو آهي ته جانور ته هن جهڙن انسان کان تمام بهتر آهن.  انهن انسانن جي ڪارنامن کي ڏسون ٿا جن هن دنيا کي جنت بڻائڻ لاءِ جتن ڪيا ته انهن کي هر انسان پيار ڪري ٿو انهن جو احترام ڪندو آهي. پر جن ماڻهن دنيا کي جهنم بڻايو آهي اهي هميشه ڌڪار ۽ نفرت جو استعارو رهيا آهن.

انسانيت جا هن ڪائنات ۾ ڪيترائي اجتماعي دشمن آهن پر انهن مان اڪثر دشمن انسانن جا پنهنجا ئي پيدا ڪيل آهن. انهن دشمنن ۾ سڀ کان وڏو ۽ خطرناڪ دشمن ايٽم بم آهي. اهو ايٽم بم جيڪو هن وقت دنيا جي 11 کان وڌيڪ ملڪن وٽ ته پنهنجو ٺاهيل آهي، هڪ ملڪ اهڙو آهي جيڪو ڌماڪا ڪري وري پروگرام ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي. ڪجهه ملڪ اهڙا آهن جن جي اختيار ۾ ايٽمي طاقتن جا هٿيار آهن ته اهي انهن کي ضرورت پوڻ تي استعمال ڪري سگهن ٿا. ايٽم بم استعمال ته هڪ ڀيرو ٿيو آهي پر  ان جي نتيجي ۾ دنيا جا ٻه وڏا شهر تباهه ٿيا آهن ۽ اتي ڏهاڪن تائين ساهه کڻڻ ممڪن نه هو. هيروشيما ۽ ناگاساڪي شهرن جي تباهي کانپوءِ انسانن رڳو ايترو سبق سکيو آهي جو انهن وري ايٽم بم ڪٿي استعمال ناهي ڪيو پر تاريخ مان سبق نه سکڻ واري ڳالهه کي ورجائيندي انسانن انهن خوفناڪ هٿيارن کي حاصل ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي.

جاپان جي شهرن جي تباهي مان دنيا ڪيترو سبق سکيو آهي ان جو احساس هاڻ ٿي رهيو آهي، دنيا ۾ هزارن جي تعداد ۾ ايٽم بم موجود آهن. ان خطري کي گهٽائڻ لاءِ دنيا ۾ ڪوششون جاري آهن. اهڙي ئي هڪ سٺي ڪوشش هڪ ڏينهن اڳ ٿي آهي جڏهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن  ايٽمي هٿيارن جو ڦهلاءُ روڪڻ ۽ ايٽمي تڪرار کان بچڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪا، برطانيا، روس، فرانس ۽ چين جي نمائندن گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو. ان پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ايٽمي جنگ کٽي نٿي سگهجي ۽ نه ئي وري وڙهڻ گهرجي، پنجن ئي عالمي ايٽمي طاقتن خبردار ڪيو آهي ته ايٽمي جنگ جا ڏور رس نتيجا ٿي سگهن ٿا، ايٽمي هٿيارن کي صرف پنهنجي دفاعي مقصد، جارحيت ۽ جنگيون روڪڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي.

هاڻ اها پڌرائي ته جاري ٿي چڪي آهي پر ڏسڻو اهو آهي ته ڇا دنيا جون وڏيون طاقتون انهن لفظن تي عمل به ڪن ٿيون؟ هن کان اڳ روس ۽ آمريڪا ۾ ايٽمي هٿيار ختم ڪرڻ جو معاهدو ٿيو هو جيڪو آمريڪا جي گذريل حڪومت ختم ڪري ڇڏيو. روس ۽ آمريڪا کانسواءِ دنيا جي سمورين ايٽمي طاقتن کي ان معاهدي ۾ شامل ڪري ايٽمي هٿيار ختم ڪرڻ گهرجن ته جيئن انسانيت ڪنهن به خطري کان آجي ٿي وڃي. اسان سمجهون ٿا ته هي پڌرنامو به اڌورو آهي جو ان ۾ اهي ملڪ شامل ناهن جيڪي ايٽمي طاقت هوندي به سلامتي ڪائونسل ۾ شامل نه آهن. انهن کي به شامل ڪيو وڃي ۽ ايٽمي هٿيارن کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائڻ جا پروگرام ختم ڪري اهڙي ڪوشش ڪندڙن کي روڪي سمورن تڪرارن جا پر امن حل ڪڍيا وڃن. ان سان ئي دنيا امن جو گهوارو بڻجي سگهندي.