اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس نه گهرائڻ تي نواز ليگ جو ردعمل به سامهون اچي ويو، نواز ليگ اڳواڻن چيو ته ايوان صدر سازش جو ڳڙهه آهي، جمهوريت کي نقصان لاءِ عارف علوي پي ٽي آءِ ورڪر بڻيل آهي. ان سلسلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته صدر عارف علوي سمري تي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس نه گهرايو ته 29 فيبروري تي اسپيڪر آئين تحت پاڻ اجلاس گهرائي سگهي ٿو، نواز ليگ اڳواڻ عطا تارڙ ايوان صدر کي سازش جو ڳڙهه قرار ڏيندي چيو ته صدر جمهوريت کي نقصان پهچائڻ لاءِ پي ٽي آءِ جو ورڪر بڻيل آهي، 29 فيبروري تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو، صدر پنهنجي آئيني ذميواري ادا نه پيو ڪري، سينيٽر عرفان صديقي آئين ۾ اهڙي ڪا به شق ناهي ته صدر ڪنهن سيٽ جو اعلان نه ٿيڻ، مخصوص سيٽن جو اعلان نه ٿيڻ يا انهن تي فيصلو نه ٿيڻ تي اجلاس نه گهرائي، صدر جو قدم آئين جي خلاف آهي، صدر پهريون ڀيرو ائين نه پيو ڪري، سدائين هن ايئن ڪيو آهي، اڻ ڌريو صدر رهيو ئي ناهي، سپريم ڪورٽ ٻه ڀيرا عارف علوي لاءِ چئي چڪا آهن آئين خلاف ڪم ڪيو آهي.