ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور سينيئر اداڪارا فضيلا قاضي ويجهر ۾ پنهنجي مڙس اداڪار قيصر خان نظاماڻي سان گڏ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شريڪ ٿي جنهن دوران ميزبان نعمان اعجاز اداڪارا کان سوال ڪيو ته اوهان ايوارڊ شو ۾ نظر ناهيو اينديون. اداڪارا جواب ڏنو ته مونکي به ڪافي عجيب لڳندو آهي ته اهي ئي 15 کان 20 ماڻهو آهن جيڪي ايوارڊز شو ۾ نظر ايندا آهن، مونکي برو لڳندو آهي ته مان ان لاءِ پنهنجي ٻارن، گهر ۽ مڙس کي کپائي ڇڏيان. هن چيو ته مان اهو نٿي ڪري سگهان، جيڪي ماڻهو ايندا آهن هنن کي ان بنياد تي گهرايو ويندو آهي ته هنن جي فالوورز جو انگ وڌي. فضيلا قاضي چيو ته هاڻي هر شيءِ جعلي ٿي چڪي آهي هونئن به شوبز ته آهي ئي ڏيکاءُ ۽ ڪوڙ جو نالو، ته مونکي لڳندو آهي ته ڏيکاءِ ڪرڻ وارن ماڻهن کي ئي گهرايو ويندو آهي.