حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينيئر ساٿين ۽ ساڃهه وندن جو مشاورتي اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن گلزار سومرو، حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي، قادر چنا، امتياز سمون، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، هوت خان گاڏهي، ڄام شوڪت ابڙو، خدابخش درس، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ، اعجاز سنڌي سميت سينيئر ايس ٽي پي ساٿي شريڪ ٿيا. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان گذريل ٽيهن سالن جي جدوجهد ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ کي نئون رخ ڏنو آهي. اسان سمورن ساٿين جي گڏيل جدوجهد سان سنڌ کي ڪافي ڪاميابيون مليون آهن. ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي کان ويندي ڪالاباغ ڊيم تائين ۽ ٻٽي مڪاني نظام کان ويندي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي تائين جدوجهد ۾ ايس ٽي پي جو اڳواڻي وارو ڪردار رهيو آهي ۽ ڪاميابي ماڻيون آهن انهن ننڍين ننڍين ڪاميابين جي ڪري ئي سنڌ ترقي پسند پارٽي اڄ به سنڌ جي ماڻهن جي اميد بڻيل آهي. اسان سنڌ مٿان مسلط ڪيل جاگيرداري ۽ سرداري نظام کي للڪاري اڄ سنڌ کي اهو شعور ڏنو آهي جو هاڻي انهن جاگيردارن ۽ سردارن جي سامهون وچولي ۽ پورهيت طبقي جا نوجوان اليڪشن ۾ بيهي مقابلو ڪن ٿا. ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي سڄي سنڌ مان پنهنجا نمائندا بيهاريندي جيڪي هنن پ پ جي ڇٽي هيٺ گڏ ٿيل وڏيرن ۽ جاگيردارن جو مقابلو ڪندا. سنڌ ترقي پسند پارٽي ايندڙ اليڪشن ۾ خادمين سنڌ جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهندي. خادمين سنڌ جي پليٽ فارم تان نه صرف سنڌ ترقي پسند پارٽي جا نمائندا بيهندا پر سنڌ  دوست ۽ حقيقي جمهوريت پسند سوچ رکندڙ پڻ هن پليٽ فارم تان سڄي سنڌ ۾ عام اليڪشن ۾ مقابلو ڪندا. هي هڪ نج سنڌ جي پورهيت طبقي جو اليڪشني محاذ هوندو جيڪو ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر تائين سنڌ مٿان مسلط ڪيل جاگيرداري نظام جو مقابلو ڪندو. هن چيو ته ڌارين آبادڪاري خلاف مسلسل اسان آواز اٿاريندا رهيا آهيون. اسان سمجهون ٿا ته ڌارين آبادڪاري سنڌ لاءِ وڏي نقصانڪار رهي آهي. سنڌ ۾ افغان پناهگيرن جي واپسي کي يقيني بڻايو وڃي ڇاڪاڻ ته انهن جي ملڪ جون حالتون هاڻي بهتر آهن کين واپس پنهنجي وطن موڪليو وڃي. اجلاس ۾ مختلف سياسي ۽ تنظيمي فيصلا ڪيا پئي ويا.