ايم ڪيو ايم شهري سنڌ جي سيڪريٽريٽ ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
58

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم ) ايم ڪيو ايم شهري سنڌ جي سيڪريٽريٽ ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ، ايم ڪيو ايم شهري سنڌ جو ڌار  سيڪريٽريٽ ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ عدالت کان مطالبو ڪيان ٿو  ته سنڌ اندر شهري سنڌ جو  سڪريٽريٽ ٺاهڻ جي اجازت ڏني وڃي

خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته هڪ کان 15 گريڊ تائين نوڪريون مقامي ماڻهن کي ملڻ گهرجن، سنڌ جي شهري علائقن جي جعلي ڊوميسائل ذريعي ڀرتيون ڪيون ويون

ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته 18هين ترميم جاگيرداڻي نظام کي تحفظ فراهم ڪيو، پاڪستان ۾ سنڌ سڀ کان آخري نمبر تي آهي

فاروق ستار چيو ته ڪوٽا سسٽم لاڳو ئي ڪراچي، حيدرآباد ۽  سکر جي نوجوانن لاءِ سرڪاري ملازمت جا  رستا بند ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اسان جي وڏي ڪاميابي آهي