ايم ڪيو ايم جي سياست ۽ اقتدار

0
350
ڪراچي سنڌ آھي!

 مارچ جي 6 تاريخ تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ناليواري شاعر،اديب ۽ ڪهاڻيڪار مرحوم ستار پيرزادي جي ٻي ورسي ۽ سندس ٻن ڪتابن جي مهورتي پروگرام ۾ ٻين وڏن اديبن سان گڏ ھڪ اردودان شخصيت به شامل ھئي جنهن جو تعلق انجمنِ ترقي پسند مصنفين سان ھو. سندس ٻن جملن ڄڻ ته سڌو وڃي دل ۽ دماغ تي اثر ڪيو. موصوف  اردو ۾  ڳالهائڻ جي  اجازت گهرندي چيو ته “ مين اب ساري گفتگو ۾ اردو ڪي چاشني شامل ڪرنا چاھون گا. مين افسوس ڪي ساٿ اقرار ڪرتا هون ڪه پون صدي گذرني ڪي بعد ڀي ھم ڀٽائي، سچل، گرھوڙي اور ديگر سنڌي شعراءَ ڪي شاعري ڪو سمجهني سي اس لئي قاصر هين ڪه ھم اتنا عرصه گذرني ڪي بعد ڀي سنڌي نه سيک سڪي اور ان ڪي پيغام ڪي فيض سي محروم رهي.

صرف يهي نهين چوٿي نسل تڪ ڀي ھم اس وطن ڪو وطن نه بنا سڪي جس ني همين اپني آغوش ۾ پناھه دي،عزت دي، روزگار ديا اور پيار ديا. مهاجر ڪهلوانا ڪوئي اعزاز تو نهين ڪه هم بڙي فخر سي خود تو خود آني والي نسلون ڪو ڀي غلط ڊگر پر لگا رهي هين.” جيئن ته لطيف سائين جي پايي جي شاعرن ۽ برزگن جي پيغام کي پڙھي سگهڻ جي پروڙ ھوندي به سڀني روحاني رازن تائين پهچڻ جو پنڌ پرانهون آھي. ان ڳالھه جو اڃا وڌيڪ احساس ٻئي ڏينهن 7 مارچ تي ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي ميزباني ۾ شاھه سائين جي سرن رامڪلي ۽ کاھوڙي بابت ھڪ ليڪچر پروگرام ۾  شرڪت دؤران ٿيو جتي 94 سالن جي   ڪامريڊ روچيرام جي سمنڊ جيتري گهري گفتگو ٻڌي ان اردودان ڀاءَ جي ڳالھه  وڌيڪ سمجھه ۾ آئي ته ايڏي وڏي پيغام کي نه سمجهي سگهندڙ به ڪيترو محروم ۽ وانجهيل ليکبو.

اتفاق سان  6 مارچ تي ئي ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان “حقوق ريلي ميرپورخاص” ۾ تنظيم جي ڪنوينرخالد مقبول صديقي خطاب ڪندي ساڳيو لهجو اختيار ڪيو جنهن جي هر هڪ کي هر وقت توقع هوندي آھي. پاڻ فرمايائون ته “ اسان سنڌ جو سٺ سيڪڙو آھيون، اسان کي آدمشماري ۾ صحيح ڳڻيو ويو ته صورتحال مختلف ھوندي. اڄ ھيڏي وڏي ريلي ڪڍي اسان وارننگ ڏيڻ آيا آھيون ته اسان اٿون ٿا ته هندستان به ورھائجڻ کان بچي نٿو سگهي. اسان اسلام جو جهنڊو بلند ڪرڻ آيا ھئاسين. پاڪستان بچائڻو آھي ته پاڪستان جون واڳون پاڪستان ٺاھيندڙن حوالي ڪرڻيون پونديون.” ان طرح جي ڊاڙي بيانن ۽ لهجي ھن صوبي کي نسلي ۽ لساني نفرتن جي اھڙي اوڙاھه ۾  اڇلي ڇڏيو آھي جو ھر پيدا ٿيندڙ ٻار توڙي بلوغت کي پهچندڙ نوجوان انهي نفرت جي ستِي وٺي سماج جي سڀني شعبن ۾ پير وجهي ٿو.

نتيجي ۾ ساڳيو وکر جيڪو وٽس ھوندو آھي ان کي اڳتي عام ڪري ٿو. ان ڪري ساڳئي شھر، صوبي يا پاڙي ۾ رھڻندڙ به ھڪٻئي سان ٻولي ۽ نسل جي بنياد تي سماجي/سياسي رويو اختيار ڪري ٿو. ان سان سياست جنگ جو رنگ اختيار ڪري ويئي آھي. لساني ۽ نسلي نفرتون جيڪي ايم ڪيو ايم جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ وڌيون آھن انهن جو مثال صرف انهن ملڪن ۽ ھنڌن تي ملي ٿو جتي يا ته خانه جنگي جاري ھجي يا انهن بنيادن تي ملڪ ٽٽو ھجي. اچو ته ھيٺين سٽِن ۾ ملڪي سياسي صورتحال جي تناظر ۾ جائزو وٺون ته خود ايم ڪيو ايم ۽ اسان جي اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ڀائرن جي بهتري ان جارحاڻي رويي ۽ نفرت جي ٻولي ڳالهائڻ ۾ آھي يا ان جي ابتڙ سندن مفاد ۽ مستقبل سنڌ صوبي جي مجموعي ترقي، سڀني سياسي جماعتن سان تعلق ۽ خاص ڪري اقتداري پارٽين سان سٺو سلوڪ روا رکڻ ۾ پوشيده آھي.

ھن وقت ملڪي سياست جي گرمي پنهنجي عروج تي آھي. اپوزيشن جي اتحاد وزير اعظم خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ڇا پيش ڪئي چئني پاسي اٿل پٿل شروع ٿي ويئي. اھا بيچيني ۽ پريشاني سڀ کان وڌيڪ حڪمران پي ٽي آءِ ۾ آھي جتي چار پنج ڌڙا پيدا ٿي مورڳو پنجاب ۾ پنهنجي حڪومت جا ڄڻ ته عملي طرح تختا ڪڍڻ تي آھن. جهانگير ترين گروپ ته پهريائين به ھو پر ھاڻي  عليم خان به منٿون ڪرڻ سان به وٺ نٿو ڏئي ۽ وڃي لنڊن پهتو جتي ڪيترائي شريف ۽ جهانگير بادشاھه اڳ ئي لٿل آھن. سنڌ ۾ سينيٽ جي چونڊ، بلوچستان ۾ ڄام صاحب ۽ رند صاحب جون رھاڻيون،  باپ وارا وڏي صاحب کي ملڻ جو موقعو نٿا ڏين، پنهنجي گهر ڪي پي  جي رڌڻي ۾ ته رولو اڳ کان آھي. وزير اعظم ساڍن ٽن سالن کان پوءِ پهريون دفعو بهادر آباد ڀيڙو ٿيو ته چانهن پيئڻ جيترو وقت به اتي پورو ڪونه ڪري سگهيو، جي ڊي اي وارا لنوائين ٿا ۽ پاڳارو سائين ڪراچي کان پرڀرو وڃي پهتو ڇو ته بيمار آھن.

سياسي پنڊت ٻڌائين ٿا ھن وقت “ عدم اعتماد” جو ھڪ ڪورونا جهڙو وائرس پاڪستان ۾ وبائي صورت اختيار ڪري ويو آھي جنهن سبب سڀ ڪو آئسوليشن اختيار ڪري ويو آھي سواءِ ڪنهن زرداري-مولانا جهڙي حاذق حڪيمن کان ڦڪي ڦوڪ وٺڻ خاطر ملاقات جي! وبا اھڙي ته شدت اختيار ڪئي آھي جو وڏا وڏا عهديدار ۽ اڳواڻ به الائي ڇا ڇا وڦلي وڃن ٿا پر کين سمجھه ۾ نه پيو اچي ته ان وقت سندن جذباتي حالت ڪيڏي قابل رحم ھوندي آھي. اھا ھلڪي ڦلڪي ڳالھه اتي ڇڏي سنجيده ڳالھه تي ٿا اچون. اھا ھي آھي ته ايم ڪيو ايم  ھڪ صوبي جي صرف ٻن ٽن شھرن ۾ ووٽ بينڪ رکندڙ جماعت آھي جيڪا ايتري ته محدود آھي جو سڄي ملڪ جون واڳون وٺڻ  يا ملڪ جي مالڪيت جون دعوائون ڪرڻ کيس بالڪل به نٿو سونهين. ايم ڪيو ايم جي سڄي سياست جو مرڪز گهڻو ڪري ڪراچي ۽ پوءِ حيدرآباد يا ڇڪي ڇڪي ميرپوخاص تائين آھي، ٻين لفظن ۾ سندن سياست جو معراج بلدياتي ادارن تي قبضو ۽ وڏن شھرن جي مهانگي ملڪيت ۽ انفرا اسٽرڪچر جي مالڪي ڪرڻ آھي. ان ڪري ملڪي ته ڇا صوبائي سياسي پارٽي کان به وڌيڪ ھڪ علائقائي گروھه يا پريشر گروپ جو درجو رکي ٿي.

ان ڪري ايم ڪيو ايم،ق ليگ،  باپ پارٽي، ف ليگ يا کڻي چئجي جي ڊي اي جهڙا ننڍڙا ڌڙا جيڪي ھميشه حڪومت ۾ رھڻ جا عادي ھجن انهن کي گهرجي ته ان صوبي جي مضبوط اقتداري پارٽي سان سٺا تعلقات قائم رکن ته جيئن سندن ازلي خواھش پوري ٿيندي رھي. مرڪزي حڪومت وٽ ننڍن ڌڙن لاءِ ڏيڻ خاطر گنجائش گھٽ ھوندي آھي سو به جيڪڏھن صوبي ۾ مخالف پارٽي جي حڪومت ھجي. پر ايم ڪيو ايم وارن جي تربيت ئي عجيب نموني ٿي آھي. انهن جي نظر ۾ ٽوپي پائيندڙ، پڳ ٻڌندڙ، ويڪري شلوار پائيندڙ ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ پڪ سان ڄٽ آھي ۽ سنڌي وڏيرو ھوندو ، وڏيرو آھي ته پوءِ وڏيري جي ڪردار کي جيئن ٽي وي ڊرامن ۾ ظالم ۽ سفاڪ ڏيکاريل آھي، پڪ سان اھڙين خصلتن جو مالڪ به ھوندو. ان جي ابتڙ سڀ اخلاق، تهذيب، اتم زبان ۽ ادب صرف  وٽن آھي. اھڙا جذبا، خيال ۽ اظھار ذاتي سطح تي نفرتن کي جنم ڏيندا آھن جيڪي ڪوشش باوجود قابو ۾ نه ايندا آھن. خير ھاڻي ته ملڪ جي وزيراعظم به سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن.  زميني حقيقت اھا آھي ته پي پي پي جنهن کان گهڻيون ئي رياستي قوتون عداوت رکن ٿيون انهن ۾ ايم ڪيو ايم سڀني کان اتر لهڻي. اھا ڪهڙي عقلمندي آھي ته جيڪي چئن نسلن کان پاڪستان ۽ سنڌ جي سرزمين تي ڄاوا ۽ نپنا ھجن اھي پوءِ به پاڻ کي مهاجر سڏائين.

ھڪ ڳالھه يقيني آھي ته ھن گروھه ڪڏھن به ڪنهن اقتداري شراڪتداري ۾ مستقل مزاجي جو مظاھرو ناھي ڪيو ڇاڪاڻ ته سندن  مطالبن جو ٻيو ڪنارو آھي ئي ڪونه. جڏھن به ڪو آزمائشي ووٽ آيو ھوندو  پ پ پ ھجي، ن ليگ ھجي يا کڻي پي ٽي آءِ ھجي ھر دفعي نئين قيمت اوڳاڙيندا آھن پر قاف ليگ وانگر ھوندا سدائين سرسي جي پاسي يا ٻين لفظن ۾ ڪرسي جي پاسي آھن. جڏھن به ڪو ڏکيو وقت آيو ھوندو آھي ته ٻيڙي مٽائڻ جي ڪوشش ضرورڪئي ويندي آھي. 9 مارچ تي به جنهن مهل پاڻ تي جبر سهي وزير اعظم ساڻن تجديدِ عهد لاءِ ڪراچي پهتو ته عين ان وقت اھي خبرون اچڻ لڳيون ته ق ليگ جو بيمار اڳواڻ وڏو چوڌري پاڻ مولانا ۽ زرداري جي “صحت جو حال” پڇڻ لاءِ پشيمان ۽ پريشان ٿي اتي پهتو ھو ۽ ايم ڪيو ايم 10 مارچ تي ساڳيو ڪم ڪرڻ لاءِ “وڏيرن” جي جماعت پي پي جي وڏي سان ڪو پيچ پائڻ لاءِ پهتي. مون ھن ئي اخبار ۾ ملڪي سياست تي تبصرو ڪندي ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ لاءِ 26 فيبروري واري ڪالم ۾ لکيو ھو ته:

”اصل ۾ اپوزيشن عدم اعتماد کي حڪومت خلاف قومي سطح جي بيزاري ۽ اتفاقِ راءِ جي روپ ۾ آڻڻ چاھي ٿي نه ته قومي اسيمبلي ۾ ته انهن پارٽين کي نظرانداز ڪري به گهربل تعداد پورو ٿي وڃڻ جي اميد ڪئي پئي وڃي پوءِ به پنجاب جي وزير اعليٰ خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ چوڌري حضرات کي ٻيڙي ۾ سوار ڪرڻ ضروري سمجهيو پيو وڃي.  تجزئي ڪارن جو اھو به خيال آھي جيڪڏھن بي اعتمادي جي رٿ جي منظوري جو يقين  اچڻ لڳو ته قاف ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پارا پاڻھي گاڏي ۾ سوار ٿي ويندا. جي ڊي اي به ساڳئي قبيلي جو اتحاد آھي  شايد زرداري اينڊ ڪمپني آخر ۾ کين به اشارو ڪري. لڳي ٿو ان اڳڪٿي جي پوري ٿيڻ جو وقت اچي ويو آھي. ايم ڪيو ايم اھو ئي ڪري سگهي ٿي ۽ ڪندي.  خميس ڏينهن ھو آصف زرداري، مولانا صاحب ۽ قاف ليگ وارن سان مليا ۽ مبصرن مطابق صورتحال جو جائزو وٺڻ کان وڌيڪ پنهنجي پاڻ لاءِ سيٽ بڪ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ھوندائون. ان ڪري ھن ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ صوبي جي ترقي ۽ سڀني مستقل رھاڪن سان ڀائيچاري قائم ڪرڻ لاءِ  زميني حقيقتن کي تسليم ڪرڻو ئي پوندو. “ڪراچي اور سنڌ” چوڻ سان سنڌ تڪليف محسوس ڪري ٿي.  ان ڪري سڄي سنڌ جي ترقي جي ڳالھه ڪجي.

اطلاعن مطابق زرداري صاحب جوڙ توڙ وارن شروعاتي ڏينهن ۾ ئي ٻين اڳواڻن کي  خاطري ڪرائي ھئي ته ايم ڪيو ايم جي رڳ سندس ھٿ ۾ آھي وقت اچڻ تي پاڻھي بندوبست ڪري وٺندو. ھاڻي جڏھن ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ته ھر ھنڌ ويندي نظر پئي اچي مورڳو وڻ وڻ ڪاٺي ڪَٺِي ڪيل جماعت به تتر بتر ٿيڻ تي آھي، پارلياماني لاجز ۾ پوليس جي ڪارروائي ۽ پوءِ جا منظر انهي بوکلاھٽ جي نشاندهي ڪن ٿا، مٿان وري اھي اطلاع ته صدر صاحب خلاف به مواخذي جي ڪارروائي ڪري کيس به ھٽائبو ته سندس مقرر ڪيل گورنرن کي به گهر ڀيڙو ڪبو. رھي سهي ڪسر لنڊن ۾ نواز شريف عليم خان ملاقات پوري ڪري ڇڏي آھي. مبصرن مطابق ھاڻي ايم ڪيو ايم وٽ مخالف ڌر بلڪه پ پ پ جو ساٿ ڏيڻ کان سواءِ ٻيو رستو به ڪونهي، بس ھڪ ڪم ايم ڪيو ايم کي به ڪرڻ گهرجي ته انهي بي وطني جي سراب مان نڪري پڪا  پڪا پاڪستاني ۽ پڪا سنڌي ٿي وڃن پوءِ ڏسن ته ھي لطيف جي ڌرتي 1947ع وانگر کين ڪيئن ٿي ڀاڪر ۾ ڀري.

[email protected]