ايمان مزاري ۽ علي وزير جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

0
185
ايمان مزاري ۽ علي وزير جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي
ايمان مزاري ۽ علي وزير جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايمان مزاري ۽ علي وزير کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

اڳوڻي ايم اين اي علي وزير ۽ ايمان مزاري کي دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، علي وزير کي منهن تي ڪپڙو وجهي عدالت آندو ويو

علي وزير روسٽرم تي اچي چيو ته اسان جي جلسي ۾ ڪا به غلط ڳالهه نه ٿي، علي وزير دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج کي غلطي سان اسپيڪر چيو، جج ابوالحسنات چيو ته ڪا ڳالهه ناهي، مان به ٻڌي رهيو آهيان توهان مون کي اسپيڪر چئي سگهو ٿا، هي ملڪ آهي ته اسان آهيون

پراسيڪيوٽر پاران ٻنهي جوابدارن جي 10-10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي

عدالت ايمان مزاري ۽ علي وزير کي 3-3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ۾ پي ٽي ايم جي جلسي کانپوءِ ايمان مزاري ۽ علي وزير کي گرفتار ڪيو ويو هو