ڪراچي: آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته ٻوڏ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي، تاريخ ۾ اهڙي ٻوڏ ڪڏهن به ناهي آئي، انهي جو اعتراف گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل به ڪري چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ واسين پاران آواز اٿارڻ کانپوءِ انگريزن 2021 ۾ سکر بئراج ٺهرايو هو،  انهي کان اڳ 1915ع  تائين سنڌ ۾ آبپاشي نظام جي حوالي سان ڪا به ترقي نه ٿي هئي، هن چيو ته ايل بي او ڊي رٿا غلط ٺهي ، برساتن بعد غلط ڪٽ ڏنا ويا، پي ٽي آءِ جي فردوس شميم نقوي بحث  ۾ حصو وٺندي چيو ته  ٻوڏ سبب 70 سيڪڙُو سنڌ متاثر ٿي، بحالي لاءِ 1600 ارب رپين جي ضرورت آهي، هن چيو ته 2010ع ۾ به ٻوڏ آئي هئي  افسوس آهي ته اسان نقصان مان سکون نه ٿا، ذوالفقار علي ڀٽو جو نعرو روٽي ڪپڙا ۽ مڪان هو، هاڻي هر ڪنهن کي گهر  ملڻ گهرجي، هن چيو ته مون کي ڪالاباغ ڊيم سان ڪا به محبت ناهي  پر ڇاڪو به ڊيم نه ٺهڻ گهرجي؟ بلوچستان مان ايندڙ پاڻي کي روڪڻ لاءِ هٿرادو ڍنڍون ٺاهڻيون پونديون، هن چيو ته هاڻي فورن اليڪشن ڪرائي وڃي، اسان کي ، مڪاني حڪومتن کي مضبوط ڪرڻُو پوندو، دعا ڪريان ٿو ته قوم کي چورن مان نجات ملندي.