ٽيڪنالاجي ڪمپني ٽيسلا ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ پنهنجي تڪراري اي آءِ چيٽ بوٽ گروڪ کي هلائڻ لاءِ دنيا جو سڀ کان طاقتور انٽيليجنس سپر ڪميپوٽر ٺاهڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب ايلون مسڪ انهي مقصد لاءِ هڪ لک اين ويڊيا سيمي ڪنڊڪٽر چپس خريد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ايلون مسڪ طرفان اي آءِ اسٽارٽ اپ ايڪس جو اهو منصوبو ڪمپني جي سِيڙپڪاري ڪرڻ وارن جي سامهون پيش ڪيو ويو. اين ويڊيا جي فليگ شپ ايڇ 100 گرافڪس پروسيس يونٽس (جي پي يوز) کي استعمال ڪندي ٺاهيل اها مشين موجود جي پي يو ڪلسٽرز سان گهٽ ۾ گهٽ چئوڻ وڏي هوندي.