سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏيل ايشيز سيريز جي چوٿين ٽيسٽ ميچ کي مهمان ٽيم ڊرا ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ميزبان ٽيم طرفان ڏنل 388 رنز جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ انگلينڊ 9 وڪيٽن تان 270  تي رنز ٺاهي سگهي. مهمان ٽيم طرفان زيڪ ڪرولي 77، بين اسٽوڪس 60 ۽ جوني بيئريسٽو 41 رنز ٺاهي سگهيا. آسٽريليا پنهنجي پهرين اننگز 8 وڪيٽن جي نقصان تي 416 رنز ۽ ٻي اننگز 265 رنز 6  رانديگر آئوٽ تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي. انگلينڊ پهرين اننگز ۾ 294 رنز ٺاهيون هيون، جڏهن ته ٻي اننگز ۾ 9 وڪيٽن تي 270 رنز ٺاهيون هيون، واضح رهي ته پنج ميچز جي سيريز ۾ آسٽريليا کي 3 ٻڙي جي برتري حاصل آهي.