دبئي(اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي چوٿين ميچ ۾ ڀارت هانگ ڪانگ کي 40 رنز تان شڪست ڏئي سپر فور مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.  ڀارتي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 192 رنز ٺاهيون. ويرات ڪوهلي 59 ۽ سوريا ڪمار يادو 68 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، ڪي ايل راهول 36 ۽ روهت شرما 21 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. هانگ ڪانگ طرفان ايوش شڪلا ۽ ياسمين مرتضيٰ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. هانگ ڪانگ جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 152 رنز ٺاهي سگهي. بابر حيات 41، ڪنچت شاهه 30 ۽ ذيشان علي 26 رنز ٺاهي نمايان رهيا. ڀارت طرفان ڀونيشور ڪمار، اويش خان، ارشديپ سنگهه ۽ رويندرا جديجا هڪ هڪ وڪيٽ ورتو. واضح رهي ته ڀارت پهرين ميچ ۾ روايتي حريف پاڪستان کي سخت مقابلي کانپوءِ 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. گروپ اي جي آخري ميچ سڀاڻي پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ وچ ۾ کيڏي ويندي. جيڪا ٽيم کٽيندي اها سپر فور مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪندي هارائيندڙ ٽيم ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي ويندي.