ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ ون ڊي ايشيا ڪپ جو شيڊول ليڪ ٿي ويو آهي، ذريعن موجب، ملتان، لاهور ۾ چار ميچون ٿينديون، سريلنڪا جي شهر ڪينڊي ۽ دمبولا ۾ اٺ ميچون ٿينديون، ميگا ايونٽ جو فائنل 17 سپٽيمبر تي پريما داسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان ٽيم پنهنجو سُپر فور ميچ کيڏڻ لاءِ ٻيهر لاهور ايندي، سپر فور مرحلي جي به هڪ ميچ پاڪستان ۾ ٿيندي. تفصيل موجب، ايشيا ڪپ جي شروعات 30 آگسٽ کان پاڪستان ۽ نيپال جي ميچ کان ٿيندي جيڪا ملتان ۾ شيڊيول آهي. شيڊيول موجب، ٻئي ڏينهن پاڪستان ۽ نيپال جون ٽيمون چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي ملتان کان ڪولمبو لاءِ اُڏام ڀرينديون، 31 هين آگسٽ تي سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ميچ ڪينڊي ۾ کيڏي ويندي. پهرين سپٽيمبر آرام آرام جو ڏينهن آهي، پهرين سپٽيمبر تي سريلنڪا ۽ بنگلاديش جون ٽيمون چارٽرڊ فلائيٽ تي لاهور پهچنديون. ايشيا ڪپ جو سڀ کان مها دنگل ٻه سٽيمبر تي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٿيندو،