ايسٽ انڊيا ڪمپني جي تاريخ، سبق ڌرتي ڌڻين لاءِ … جاويد حالتي

0
86
ايسٽ انڊيا ڪمپني جي تاريخ، سبق ڌرتي ڌڻين لاءِ ... جاويد حالتي

ايسٽ انڊيا ڪمپني ھن خطي جي اھم واپاري ڪمپني جنھن اڳتي ھلي قبضي جي نئين تاريخ لکي.

 1600ع ۾ ملڪه الزبيٿ اول، ھڪ طاقتور خانگي واپاري ڪمپني ايسٽ انڊيا ڪمپني جي قيام جي منظوري ڏني، ان ڪمپنيءَ جي شروعات انھن واپارين ۽ تاجرن ڪيو ھو جيڪي ايشيا ۾ واپار ڪرڻ چاهيندا ھئا ته جيئن مصالحه ۽ ڪپهه وغيره وٺي سگھن ۽ پوءِ نفعي لاءِ انگلنڊ ۾ وڪرو ڪري سگھن.

                         سڀ کان اول، اھي ڊچ ايسٽ انڊيز طرف روانا ٿيا، جيڪي اڄ جي جديد دؤر جا انڊونيشيا ۽ فلپائن آھن ۽ اڳ ئي اتي موجود ڊچ، فرانسيسي ۽ پرتگالي واپارين سان مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اھي انھن سان اتي مقابلو ڪرڻ ۾ ناڪام رھيا ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني پوءِ پنھنجي سڄو ڌيان ڏکڻ ھندستان تي ڏيڻ شروع ڪيو.

                         1600ع ۾ڪمپني جي ھڪ نمائندي ڏکڻ ھندستان ۾ زمين خريد ڪئي، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ان زمين تي ھڪ قلعو سينٽ جارج تعمير ڪيو، جيڪو ھن وقت چنائي شھر جو حصو بڻجي چڪو آھي. شروع وارن ڏهاڙن ۾ مغل بادشاھن انگريزن کي گرم جوشيءَ سان ڀليڪار ڪيو ۽ ٻنھي ڌرين محسوس ڪيو ته جيڪڏھن اھي ھڪ ٻئي سان واپار ڪندا ته اهو ٻنهي ڌرين لاءِ فائديمند ھوندو، واپاري حقن جي بدلي انگريزن يورپي شيون ھتي آڻڻ شروع ڪيون.

1600ع جي ٻئي ڏهاڪي دوران ھندستان ۾ انگريزن جي واپار کي اھميت ملڻ سان اھو پکڙجڻ شروع ٿيو ۽ انھن ڪارخانا ۽ گودام ٺاھڻ شروع ڪري ڏنا پر صدي جي پڇاڙيءَ تائين سندن مغل بادشاهن سان لاڳاپا خراب ٿي چڪا ھئا.

جڏھن واپاري نرمين ۽ واپار جي وڌائڻ لاءِ انگريزن وڌيڪ درخواستون ڏنيون ۽ جڏھن اھي مغل بادشاهن رد ڪيون ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ بندرگاهن جي ناڪابندي ڪري ڇڏي ۽ جنگيون شروع ٿي ويون ۽ اڳتي ھلي اهي جھيڙا انگريز- مغل جنگ جي نالي سان مشهور ٿيا ۽ اھي جھيڙا 1686ع کان 1690ع تائين جاري رھيا.

انگريز ان وقت ھار کائي ويا جڏھن اورنگزيب انگريز واپارين کي شڪست ڏني. مغل انگريز واپارين کي پنھنجي لاءِ ڪو خطرو نه سمجھندا ھئا ڇو جو جڏھن انگريز ڪا غلطي ڪندا ھئا ته اھي معافي وٺي ڏنڊ به ڀري ڇڏيندا هئا.

اھڙي طرح سان بادشاھ به مطئمن ھوندا ھئا. ان ڪري اورنگزيب انگريزن بجاءِ مرھٽن کي پنھنجو ڪٽر دشمن سمجھندو ھو ۽ انھن سان وڙھڻ لاءِ فڪرمند ھوندو ھو. ان سبب به انهن انگريزن کي وڏي سزا ڪين ڏني ۽ ان کان سواءِ اھي انگريزن کي صرف واپاري ۽ سوداگر ئي سمجھندا ھئا پر بادشاھن کي انھن جي وڙھڻ ۽ سندن موجود جديد ھٿيارن جو علم ڪين ھيو. نتيجتن اھي اڳتي ھلي سموري ھندستان تي قابض ٿي ويا پوءِ انھن جيڪو ڪيو ان ڳالھه جي تاريخ ساکي آھي.  تصوير ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو نمائندو مغل درٻار ۾ واپار جي اجازت وٺندي ڏيکاريل آھي.