او ليول جي امتحانن جي لاءِ برٽش ڪائونسل کي اين او سي جاري

0
492

حڪومت پاڪستان او ليول جي لاءِ خصوصي امتحان جي لاءِ برٽس ڪائونسل کي اين او سي جاري ڪري ڇڏيو. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ٻڌايو تھ او ليول جا خاص امتحان 26 جولائي کان 6 آگسٽ تي ٿي سگھندا ۽ امتحانن کانپوءِ او ليول جا شاگرد سيپٽمبر کان اي ليول يا ايف اي، ايف ايس سي ۾ داخلا وٺي سگھندا. وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ ھو تھ انھيءَ کان اڳ جولائي ۾ او ليول جا امتحان منعقد ڪرڻ جي مثال نٿي ملي، جولائي ۾ امتحان وٺڻ تي ڪيمبرج جا شڪر گذار آھيون، ھڪ ٽوئيٽ ۾ شفقت محمود جو چوڻ ھو تھ ڪورونا وبا زندگي جي سڀني شعبن خاص ڪري تعليم ۾ انتھائي مشڪلاتون پيدا ڪيون آھن.