ڪراچي(ڪامرس نيوز) ملڪ جي ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڪالهه ڊالر ۽ برطانوي پائونڊ جي اگهه ۾ اضافو ٿيو. ڪالهه اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 280 رپيا 60 پئسن ۾ وڪرو ڪيو ويو جيڪو هڪ ڏينهن اڳ 280 رپيا 50 پئسن جو هو. برطانوي پائونڊ جي قيمت ۾ 5 پئسن جو اضافو ٿيو ۽ نئين قيمت 352 رپيا 50 پئسن مان وڌي 352 رپيا 55 پئسا ٿي وئي. جڏهن ته ٻين اهم ڪرنسين جي وڪري جي قيمت ساڳي برقرار رهي. بحريني دينار 748 رپيا 56 پئسن، ڪويتي دينار 916 رپيا 51 پئسن، اوماني ريال 731 رپيا 24 پئسن ۽ قطري ريال 77 رپيا 20 پئسن ۾ وڪرو ڪيو ويو. سنگاپور جي ڊالر جي وڪري جي قيمت 204، سويڊن جي ڪورونا جي 26 رپيا 64 پئسا، ٿائي ڀات جي 7 رپيا 73 پئسا رهي.