گهوٽڪي/اوٻاوڙو (نمائندن وٽان) اوٻاوڙو ڀرسان ويڳي پٽ ڪارنهن الزام ۾ ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار، خبر موجب گنگل موڙ وٽ جوابدار خدابخش مزاري مبينا پنهنجي سئوٽ فوج علي مزاري سان ڪارنهن الزام مڙهي پنهنجي ويڳي ماءُ روبينا مزاري کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس پهچي مقتول عورت جو لاش سول اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار خدا بخش مزاري خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.