اوٻاوڙو (ن پ ا ) اوٻاوڙو زرعي بينڪ سامهون لڳل ٽرانسفارمر تي بجلي جو لوڊ وڌيڪ ھجڻ ڪري زوردار ڌماڪو ٿيو، ٽرانسفارمر ۽ بجلي جي ميٽرن نوڙن کي باھ وڪوڙي وئي، شھرين بجلي گريڊ تي اطلاع ڪرڻ بعد فورن بجلي بند ڪئي وئي، شھري وڏي انگ ۾ گڏ ٿي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان پنهنجي مدد پاڻ مٽين جا ٻڪ ڀري ٽرانسفارمر کي لڳل باھ وسائڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رھيا، وڏي ڪوششن بعد شھرين باھ تي ضابطو آندو ويو معجزاڻي طور جاني نقصان نه ٿيو آھي.