اوباوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ويجهو ڳوٺ لانگھو ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو . اڪبر ملڪ، صابر ملڪ، فوجي محمد معروف ملڪ، محمد صديق ملڪ احتجاج دوران الزام ھڻندي ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته راھب ملڪ 12 ساٿين سميت ڪڻڪ ڊيلر اڪبر ملڪ جي دڪان تي حملو ڪري ڀڃ ڊاھ ڪري ڪڻڪ ڊيلر کي مار ڪٽ ڪري ڪپڙا ليڙون ليڙ ڪري ڇڏيا دوڪان ۾ پيل روڪ رقم اڍائي لک رپيا کڻي آساني سان فرار ٿي ويا.