سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ويجهو ڳوٺ علي خان لغاري واسي اغوا ٿيل پوليس اهلڪار علي رضا لغاري جي بازيابي لاءِ وارثن ميرپور خاص روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن انور لغاري، تاج محمد لغاري، سعيد لغاري، فاروق لغاري، رانجهن ۽ ٻين چيو ته نوجوان کي 6 ڏينھن گذري ويا آهن پر پوليس کيس بازياب ناهي ڪرائي سگهي، هنن چيو ته علي رضا پوليس اهلڪار آهي، ان باوجود پوليس ڪو به قدم ناهي کنيو، هنن چيو ته ڪچي جا ڌاڙيل نوجوان جون تشدد واريون وڊيو ٺاهي پوليس کي للڪاري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته اهلڪار کي بازياب ڪرايو وڃي.