لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان خلاف 7 ٽي 20 ميچز تي مشتمل سيريز کان اڳ انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪيورٽي ٽيم ايندڙ هفتي پاڪستان پهچندي. ميڊيا رپورٽن موجب انگلينڊ جي سيڪيورٽي ٽيم هوٽل ۽ اسٽيڊيم جي رستي سميت ٻين انتظامن جو جائزو وٺندي، سيريز ٽن شهرن راولپنڊي، لاهور ۽ ڪراچي ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي پر اڃا تائين ان جي باضابطه طور تصديق ناهي ڪئي وئي.  رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انگلش بورڊ جي سيڪيورٽي ٽيم ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو به دورو ڪندي، ڇوته پي سي بي ڪجهه ميچون ملتان ۾ شيڊول رکڻ جو خواهشمند آهي. انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 15 سيپٽمبر تي پاڪستان جو دورو ڪندي.