جڪارتا (انٽرسٽنگ نيوز) انڊونيشيا ۾ بيمار پٽ لاءِ دوا وٺڻ ويل ماءُ کي ارڙ بلا ڳھي هئي. پرڏيهي ميڊيا موجب وچ انڊونيشيا جي هڪ علائقي ۾ هڪ عورت کي ارڙ بلا جي پيٽ مان مئل حالت ۾ ڪڍيو ويو. عورت پٽ لاءِ دوا وٺڻ لاءِ گھران نڪتي هئي، ته رستي ۾ ان کي ارڙ بلا ڳھي وئي هئي. سائٽبا نالي ڳوٺ ۾ 36 ورهين جي سرياتي کي بلا ڳهي وئي آهي. عورت جي ڪافي دير تائين نه موٽڻ تي مائٽن ڳولا شروع ڪئي، پوليس کي به اطلاع ڏنو ويو، ڪجهه دير بعد عورت جي مڙس 30 ورهين جي اڊيانساڪو گھر کان 500 ميٽر پري زال جا ڪپڙا ۽ چپل ڏٺي. مڙس 10 ميٽر مفاصلي تي هڪ بلا کي به ڏٺو، جيڪو اڃا تائين جيئرو هو ۽ ان جو پيٽ تمام گھڻواڀاميل هو، جنهن تي کيس شڪ ٿيو ته هن ڳوٺ وارن کي گھرائي بلا جو پيٽ ڦاڙايو، جنهن مان سندس زال جو لاش مليو. ميڊيا موجب گذريل سال به ان ئي علائقي ۾ هڪ ارڙ بلا عورت کي ڳهي وئي هئي.