ڪوٽڙي (رپورٽر) انڊونيشيا جي قونصل جنرل ايريا اسٽڊي سينٽر فار ايسٽ اينڊ سائوٿ ايسٽ ايشيا يونيورسٽي آف سنڌ جو دورو ڪيو ۽ يونيورسٽيء  لاء ڪتابن جا تحفا ڏنا، ڊاڪٽر جون ڪنڪورو جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ تمام ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. ڪراچي ۾ ريپبلڪ آف انڊونيشيا جي قونصليٽ جنرل جو ۽ ايريا اسٽڊي سينٽر، ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا سان تمام پراڻو ۽ ويجھو علمي تعاون رهيو آهي. سنڌ يونيورسٽي پاڪستان جي واحد يونيورسٽي آهي جتي انڊونيشيا ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه هن ايريا اسٽڊي سينٽر ۾ هڪ انڊونيشي اسٽڊي سينٽر قائم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ته جيئن سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي انڊونيشي سوسائٽي ۽ ثقافت بابت ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر مڪيش ڪمار کٽواڻي، ڊائريڪٽر ايريا اسٽڊي سينٽر، مهمان جو استقبال ڪيو ۽ کيس ڪراچي ۾ ASC ۽ ICG جي وچ ۾ تحقيقي سرگرمين ۽ تعاون بابت آگاهه ڪيو.