ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جي تعليمدانن، شاگردن ۽ ماحولياتي ماهرن ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ مٺي پاڻيءَ جي عدم فراهمي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي گهربل مقدار ۾ پاڻي ڇوڙ يقيني بنائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جي ڪوسٽل اسٽڊيز ريسرچ سينٽر پاران ڊبليو ڊبليو ايف جي سهڪار سان انڊس ڊيلٽا ۾ ماحولياتي تبديلين بابت منعقد ڪرايل سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جي پي وي سي ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، ڪوسٽل ريسرچ اسٽڊيز سينٽر جي ڊائريڪٽر مختيار احمد مهر، ماحولياتي ماهر سعيد الاسلام، صبا ايوب، وقاص احمد ۽ ٻين چيو ته ماحولياتي تبديلين، گدلاڻ ۾ اضافي ۽ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سنڌوءَ ذريعي سمنڊ تائين مٺي پاڻي جي عدم فراهمي جي ڪري انڊس ڊيلٽا تي هاڃيڪار ماحولياتي اثر پئجي رهيا آهن. ھنن چيو ته هڪ طرف سمنڊ اڳتي وڌي ڊيلٽا جي زرخيز زمين پائڻ سان گڏوگڏ تمر جي ٻيلن کي تباھ ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف ترقيءَ جي نالي تي مختلف منصوبن سبب ڊيلٽا ۾ جهنگلي آبي جيوت پڻ سخت متاثر ٿيڻ لڳي آهي. تمر جي 8 قسمن مان صرف 4 قسم باقي رهجي ويا آهن. هنن عالمي ماحولياتي ادارن کي اپيل ڪئي ته انڊس ڊيلٽا ۾ سمنڊ جي اڳتي وڌڻ سان زرخيز زمينن جي تباهي توڙي تمر جي ٻيلن کي درپيش خطرن بابت جامع تحقيق ڪرائي وڃي. ساڳئي وقت وفاقي حڪومت ۽ ارسا فوري طور تي ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ مٺي پاڻي جي گهربل مقدار ۾فراهمي يقيني بنائڻ لاء قدم کڻن.