ڪراچي (ڪامرس نيوز) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه گهٽجڻ جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ وري تيزي اچي وئي،100 انڊيڪس ۾ 1100 کان وڌيڪ پوائنٽن جو اضافو ٿي ويو.ناڻي مارڪيٽ ۾ ڪالهه ڊالر وڌيڪ سستو ٿيو انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 27 پئسا سستو ٿي ويو، ڪاروبار جي پڄاڻي تي هڪ آمريڪي ڊالر جو اگهه 281 رپيا 93 پئسا رهيو.  اوپن مارڪيٽ ۾ ڪالهه ڊالر 40 پئسا مهانگو ٿيو ۽ وڪري جي قيمت 284 رپيا 40 پئسا رهي. ٻئي طرف اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به ڪالڪهه تيزي رهي. 100 انڊيڪس 1188 پوائنٽن جي اضافي سان 62 هزار 52 تي بند ٿيو. ڪالهه مارڪيٽ ۾ 67 ڪروڙ 62 لک شيئرز جا سودا ٿيا. جن جي قيمت 20 ارب 27 ڪروڙ رپيا هئي. مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 186 ارب رپين جي اضافي سان 9 گزار 3 ارب رپيا ٿي وئي.