نيويارڪ(دلچسپ نيوز) هاڻ 15 سيڪنڊن بدران هڪ منٽ جي وڊيو ڏسڻ به ممڪن آهي، انسٽاگرام ڊگهين وڊيوز جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي آهي.انسٽاگرام انتظاميا موجب انسٽاگرام اسٽوريز ۾ نئين فيچر جي ٽيسٽ ڪئي وئي آهي جنهن جو مقصد بنا وقفي جي ماڻهو وڊيوز ڏسي سگھن ۽ انهن کي پوسٽ ڪري سگھن جڏهن ته وڊيو لائيو به ڏيکاري سگھبيون.ياد رهي ته انسٽاگرام اسٽوري تي جيڪڏهن اوهان کي وڊيو شيئر ڪرڻي آهي ته اوهان 15 سيڪنڊن جي ٽڪرن ۾ ئي لڳائي سگھو ٿا، ان وڊيو کي اسٽوري جي سنگل فريم ۾ نٿو هلائي سگھجي.پر هاڻ مستقبل ۾ هڪ منٽ جي وڊيو سنگل اسٽوري ۾ لڳائي سگھبي.