انساني معاشري ۾ عزت جا معيار

0
26
انساني معاشري ۾ عزت جا معيار

جيتوڻيڪ عزت انسان جي بنيادي ۽ بقائي ضرورتن ۾ شامل نه آھي پر ھر باشعور انسان، اھو چاھي ڪھڙي به مڪتبه فڪر ۽ طبقي سان واسطو رکندو ھجي، وقت پوڻ تي پنھنجي عزت يا عزت-نفس جي حفاظت ۽ بحالي لاءِ پنھنجي زندگي پڻ داءُ تي لڳائي ڇڏيندو آھي. پر اسان انسانن لاءِ عزت جو تصور معروضي (Objective) نه پر گھڻو تڻو موضوعي (Subjective) ئي رھي ٿو. ھن مضمون ۾ اسان عزت جي نام-نھاد ۽ حقيقي تصورن بابت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

                 زندگي جي سڀني روپن ۽ قسمن ۾ شايد انسان ئي واحد مخلوق آھي جنھن لاءِ عزت ۽ ذلت زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي سگھي ٿو. ابراھام ميسلو جي ضرورتن جي درجه بندي (Maslow’s Hierarchy of Needs) مطابق انساني ضرورتون پنجن قسمن جون آھن. ھن مطابق پھرئين درجي ۾ جسماني يا بنيادي ضرورتون جھڙوڪ کاڌو، پاڻي، مناسب گرمي جو درجو يا رھائش ۽ آرام اچن ٿيون. ٻئين درجي ۾ تحفظ سان واسطو رکندڙ ضرورتون جھڙوڪ بينڪ بيلنس ۽ صحت جي بيما پاليسي وغيرہ اچي وڃن ٿيون؛ ٽئين درجي ۾ جنسي لاڳاپن، دوستي ۽ پيار جون ضرورتون اچي وڃن ٿيون. چوٿين درجي ۾ عزت نفس سان واسطو رکندڙ ضرورتون جھڙوڪ معاشري ۾ عزت، نيڪنامي ۽ ڪاميابي اچي وڃن ٿيون. آخري درجي ۾ پنھنجي فطري ۽تخليقي صلاحيتن جي ڀرپور اظھار ۽ معاشري جي ترقي ۾ پنھنجي خدمتن جو حصو وجهڻ جون ضرورتون اچي وڃن ٿيون. ميسلو جو خيال ھو ته جيستائين ھيٺئين درجي جون ضرورتون پوريون نه ٿيون ٿين، تيستائين اھو فرد مٿين درجي جي ضرورتن ۽ انھن جي حاصلات يا بحالي بابت سوچي ۽ پتوڙي نه ٿو سگھي، حالانڪه ايئن آھي ڪونه اھا سندس خام-خيالي ھئي.

اوائلي قبائلي نظام ۾ جڏھن انساني بقا جسماني طاقت ۽ مشقت تي انحصار رکندڙ ھئي، تڏھن عزت جو سرچشمو حريف کي جسماني طاقت ۽ حرفت سان زير ڪرڻ ھو. اھڙي ريت انسانن طرفان جسماني عضون کان ٻاھر مشقت جا اوزار ٺاھڻ، پٿر توڙي ڌاتو مان شڪار ۽ بچاءُ جا اوزار جوڙڻ، ٻوليءَ جو استعمال ڪرڻ ۽ مختلف ڪمن ۽ مھارتن لاءِ ھڪ ٻئي تي جزوي انحصاري جي قديم دؤر کان ھڪ ٻئي تي مڪمل انحصاري جي جديد ترقي يافته دور تائين عزت جا معيار مٽجندا رھيا آھن. نتيجي ۾ جسماني طاقت ۽ حرفت سان دشمن يا ڪنھن جانور کي زير ڪرڻ، کاڻيون کوٽڻ، فصل پوکڻ، جانور پالتو بڻائڻ ۽ پالڻ، مشقت، شڪار ۽ حملي لاءِ جسم کان ٻاھر اوزار ۽ ھٿيار ٺاھڻ؛ انھن اوزارن سان ڏوراھين دشمن، جانور يا جڳھ تي پٿر، تير، گولِي، گولو يا بم چُٽَڻ، خوبصورت تصوراتي ڪھاڻيون، شاعري ۽ ادب تخليق ڪرڻ، تحقيق وسيلي ايجادون، دريافتون ۽ اخترائون ڪرڻ، مُلڪ، ادارا ۽ تنظيمون وغيره مؤثر نموني ھلائڻ وغيرہ عزت جا معيار ۽ سبب رھيا آھن.

ساڳي طرح سان ھڪ جاھل ۽ مرد-غالب معاشري ۾ روايتي مردن جي ٽولي وٽ زالن، ڀيڻين، مائرن ۽ ٻين عورتاڻن رشتن تي جسماني، نفسياتي، جذباتي ۽ سماجي پابنديون مڙھڻ ۽ ظلم ڪرڻ (جن کي اھي جائز ۽ انصاف واريون روايتون سمجھندا آهن) کي عزت ۽ مردانگي جا معيار سمجهيا ويندا آھن. ان جي برعڪس پڙھيل لکيل ۽ سلجھيل ٽولي وٽ پُٽن توڙي ڌيئرن کي تعليم ڏيارڻ، انھن کي روزگار يا ڪاروبار وسيلي پيرن تي بيهارڻ ۽ پاڻ-ڀرو ڪرڻ عزت جا معيار آھن.

ھڪ بھتر معاشري ۽ فلاحي رياست ۾ حڪمرانن لاءِ عوامي دولت يعني ٽيڪس ۽ بجيٽون عوامي فلاح ۽ بھبود تي ايمانداري سان خرچ ڪرڻ عزت جو معيار آھي، جڏھن ته عوام ۾ عزت جا معيار قانون جي پاسداري ڪرڻ، پنھنجون صلاحيتون ۽ ذميواريون محنت ۽ ايمانداري سان ادا ڪرڻ ۽ پنھنجي ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻھن جي خدمت ڪرڻ آھن. نتيجي ۾ انھن جي ملڪ جي عام ماڻھن کي ايتريون سھولتون ۽ آسائشون ميسر آھن، جن جو پاڪستان جهڙي بدعنوان ملڪ ۾ اسان جھڙا ماڻھو تصور ئي نه ٿا ڪري سگھن. اتي ايمانداري، محنت ۽ عزتِ نفس جي حالت اِھا آھي جو اتانجو سابق وزير اعظم يا صدر پنھنجي يا ٻئي ملڪ ۾ ڪا اھم ذاتي ملڪيت جوڙي ناھي سگھندو ۽ پنھنجي گذر سفر لاءِ ڪنھن تعليمي يا ٻئي اداري ۾ نوڪري ۾ وڃي لڳندو آھي يا ڪو ننڍو ڪاروبار ڪندو آھي. ٻئي پاسي اسان جا جرنيل، سياستدان ۽ ڪامورا ڪجھ سالن ۾ عوام جي دولت تي راتاھا ھڻي پنھنجي آمدني کان ڪروڙ دفعا وڌيڪ اثاثا ٺاھي وٺندا آھن ۽ رٽائر ٿيڻ يا حڪومت مان ھٽڻ تي انھن جون دُبَئِي ۽ ٻين مھانگن ملڪن ۾ وڏين وڏين ڪاروبارِي ڪمپنين ۽ ٻيٽن جا مالڪ بڻجي ويندا آھن. مطلب ته اھي ۽ انھن جون ستَ پيڙهيون جيڪڏھن گھر ويھي کائين ۽ دنيا جي ھر عياشي ڪن تڏھن به انھن جون ڪاري ناڻي تي مشتمل ملڪيتون کُٽِي نه سگھنديون.

الميو اھو آھي ته هڪ سوچيل سمجھيل منصوبي تحت اسان جي ملڪ ۾ بالعموم ۽ سنڌ ۾ بالخصوص حڪمران ڌرين طرفان اهڙو نظام مڙهيو ويو آهي، جنهن ۾ عزت جو معيار پيسو، مهانگيون گاڏيون، بنگلا، ملڪيتون ۽ مادي ٺٺ ٺانگر بڻايو ويو آهي. هتي ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي ته انهن مادي شين ۽ آسائشن لاءِ ڪروڙن جي تعداد ۾ عوام کي پِيڙي انهن جي پگھر جي سموري پورهئي (ٽيڪس جي دولت) کي هڙپ ڪري انهن کي جيئري قبر ۾ ڇو نه ڌڪيو وڃي يا انهن کان زنده رهڻ جا سڀ حق ئي ڇو نه کسيا وڃن! انهيءَ سوچيل سمجھيل منصوبي تحت اسان جا سڀ ادارا ۽ قانون ابتا بڻجي چڪا آهن. نتيجي ۾ حق سچ تي هلڻ وارن کي؛ انصاف جي گُهرَ ڪرڻ وارن کي؛ تحقيق ۽ تدبر ڪرڻ وارن کي؛ روايتي ۽ فرسوده سوچ کان بغاوت ڪرڻ وارن کي؛ عقل، منطق، استقراري استدلال ۽ تنقيدي سوچ ۽ شعور وارن کي؛ سَچ کي سَچ ۽ ڪُوڙ کي ڪُوڙ چوڻ وارن کي؛ ظلم کي ظلم ۽ ظالم کي ظالم چوڻ وارن کي؛ عزتدار کي عزتدار ۽ بي-عزتي کي بي-عزتو چوڻ وارن کي؛ چور کي چور ۽ عوام جون اربين روپين جون بجيٽون هڙپ ڪندڙ لُٽيرن کي لُٽيرا چوڻ وارن کي، يا ته لٺ-چٺ ڏيکاري يا ته گونگو ۽ همخيال بڻايو ويو آهي يا وري انهن کي عوام ۾ ديواني ۽ پاڳل طور پيش ڪري نفرت لائق بڻايو ويو آهي. جڳ مشهور تاريخدان ۽ دانشور يووال نوح هراري مطابق جڏهن هڪ تصوراتي ڪهاڻي، جنهن جو حقيقي مادِي دنيا ۾ ڀلِي ڪو وجود نه هُجي، جڏهن لکين ماڻهن جي دلين ۾ گَهر ڪري ويهِي وڃي، تڏهن اها فقط ڪهاڻي نه پر بين الافرادي سچائي (Inter-subjective Reality) بڻجي وڃي ٿي؛ ناڻو، مُلڪَ، ادارا ۽ ڪمپنيون وغيره ان جا مثال آهن. بدعنوان ٽولا پڻ هن سچائي جو فائدو وٺندي رياست اندر پنهنجون ذاتي رياستون ٺاهيو ويٺا آهن ۽ عوامي دولت تي راتاها هڻي پنهنجِي جائز آمدني کان ڪروڙ دفعا وڌيڪ اثاثا ۽ ملڪيتون ٺاهي عوام ۾ خوف تي آڌاريل ڪُوڙِي عزت جِي معراج ماڻي رهيا آهن!

انسان کي سماجي جانور تسليم ڪندي اسان اهو چئي سگهون ٿا ته هڪ بهتر ۽ عزت وارو انسان اُهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان جي شر کان ٻيا انسان محفوظ هجن. ٻين لفظن ۾ دنيا ۾ عزت جو تسليم ٿيل معيار ذاتي ۽ انفرادي ڀلائي نه پر اجتماعي ڀلائي آهي. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته اسان ذاتي ڀلائي کي يڪسر نظرانداز ڪري ڇڏيون. جهڙي ريت سُقراط مطابق صحتمند ذهن لاءِ صحتمند جسم درڪار هوندو آهي، اهڙي ريت اجتماعي ڀلي لاءِ انفرادي ڀلو هڪ بنيادي ۽ پهريون ڏاڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو چوندا آهن ته هڪ بکايل ماڻهو جو نه ڪو مذهب هوندو آهي، نه وري سندس ڪا اخلاقيات هوندي آهي. ان ڪري اهو چئي سگھجي ٿو ته اجتماعي ڀلائي جي دَڳَ لائيندڙ اسباب (سوچ، رويا ۽ عمل) جهڙوڪ مروج قانون جي پاسداري، پنهنجن صلاحيتن ۽ ذميوارين جو ايمانداريءَ سان ڀرپور استعمال، عوامي دولت (ٽيڪس ۽ بجيٽ) ۽ ملڪي وسيلن جو عوام جي ڀلي لاءِ استعمال انساني معاشري ۾ عزت جا اهم معيار آهن.

ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل جي تازي سروي (2023 سروي جي رپورٽ جنوري 2024 ۾ پڌري ڪئي وئي آهي) جي مطابق عزت ۽ ايمانداري جي هن معيار تي ڊينمارڪ جا ماڻهو سڄي دنيا ۾ پهرئين نمبر تي آهن، جڏهن ته اسان جو پيارو ملڪ پاڪستان ۽ ان جا ماڻهو بدعنواني جي تري ۾ تڙيل ملڪن (180 ملڪن مان 133 نمبر تي) جي لسٽ ۾ شامل آهن، مطلب ته هڪ پاسي سماج جا باشعور ماڻهو خوف يا خوشامد ۾ جيسيتائين سَچ کي ڪُوڙ ۽ ڪُوڙ کي سَچ چوندا ايندا ۽ بدعنوان حڪمرانن، چونڊيل نمائندن، آفيسرن ۽ منصفن جي پَت وائکي نه ڪندا ۽ ٻِئي پاسي حڪمران ڌريون سماج ۾ حقيقي عزت لائق اڻ وڪاميل آدرشي انسانن يعني استادن، شاعرن، اديبن، دانشورن، سائنسدانن، فلسفين ۽ سماج سڌارڪن کي عزت ۽ مڃتا نه ڏينديون، تيستائين مروج ڪُوڙِي عزت ۽ انهن جا پڳدار معاشري ۾ غالب رهندا!