انساني آبادين اندر رائيس ملز جو آزار ڪڏهن ختم ٿيندو؟

0
253
فوج کي سياست کان پري رهڻ گهرجي يا سياستدانن کان!

 اسلام ۽ ان جي تعليم جي باري ۾ مشهور آهي ته، رب کي اهو ويجهو آهي جيڪو تقوى وارو آهي. مطلب پاڪ، صاف ۽ ٻئي ڪنهن کي رنج نه پهچائڻ وارو ماڻهو. حديث شريف ۾ آهي ته، “صفائي اڌ ايمان آهي” يعني پنهنجي جسماني سٿرائي سان گڏ پنهنجي ماحول کي صاف رکڻ.

هنن ڳالهين  جو مطلب ۽ معنى هي آهي ته، اسان نه صرف پنهنجو پاڻ کي پاڪ  صاف رکون پر گڏوگڏ اسان تي هي به لازمي آهي ته، اسان پنهنجن گهرن، گهٽين، روڊ ۽ رستن، بازارن ۽ مارڪيٽن، پارڪن، اسڪولن، دڪانن سڀني کي ملائي ڪري هي چئون ته پنهنجي شهرن کي صاف رکون يعني ماحول کي صاف سٿرو رکون ڇاڪاڻ جو ان ۾ ئي اسان جي معاشري ۽ اسان جي صحت جو راز سمايل آهي.

 پاڻ جيئن ته، هر ڪم ۾ تڪڙ ڪندڙ، ٻئي کي نقصان پهچائڻ، پنهنجو ڀلو چاهيندڙ ۽ جڳ وڃي کڏ ۾ پئي جهڙو رويو رکڻ، پاڻ کان طاقتور آڏو جهڪڻ ۽ پاڻ کان غريب ماڻهو تي ڪاوڙجڻ. ڏاڍي کان ڊڄڻ ۽ پئسي واري جو ڳيجهو ٿي زندگي گذارڻ ۽ بغير ڪنهن سوچ ويچار جي پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪرڻ جهڙين بيمارين ۾ وچڙجي،

اسان اڄ ان هنڌ تي اچي پهتا آهيون جتي اسان کان پنهنجي ٻولي به وئي، ثقافت آخري پساهه کڻي رهي آهي ۽ هاڻي سنڌ کي ڦٻائڻ جهڙا ناپاڪ منصوبا به جڙي چڪا آهن جنهن جو تازو مثال وفاق پاران منقولا ۽ غير منقولا ڪاميٽي جو بڻجڻ آهي جيڪي اسان کي سوڙهو ڪري رهيا آهن پر نه اسان جي سياسي قيادت ۾ ايترو دم خم آهي جو منصوبي سازن سان منهان منهن ٿي سگهي ۽ نه ئي عوام ۾ اهو شعور ته ڌرتي هاڻي هنن جي پيرن هيٺان کسڪندي پئي وڃي ته ڇا ڪجي!

اسان جڏهن ووٽ کي تاڙين، ناچ ۽ گانن جي سحر ۾ قابو ٿي انهن ئي ساڳين ڀوتارن کي ڏيون ٿا جيڪي هڪ نه، ٻه نه پر الائي ڪيترا دفعا آزمائجي چڪا آهن پر اسان آهيون جو نه ڌڪ کائڻ مان سکون ٿا ۽ نه ئي سکڻ چاهيون ٿا. ڀوتار جيڪي چونڊن ۾ ته ظاهر ٿين ٿا پر عام ڏينهن ۾ نه توهان سان ملندا آهن ۽ نه ئي وري توهان جا مسئلا حل ڪندا ۽ ڪرائيندا آهن.

ووٽ جي طاقت سان ڪامياب ٿيندڙ هي سڀ ڀوتار وڏين وڏين گاڏين ۾ سوار ٿي ايئن گم ٿي ويندا آهن ڄڻ ڪجهه هيوئي ڪونه، ڪجهه ٿيوئي ڪونه ۽ ڪجهه ٻڌو ئي ڪونه..!هي آهي اهو بي رحم ماحول جيڪو اسان وٽ صدين کان پنهنجي پوري، توانائي ۽ طاقت سان جيئن جو تيئن موجود آهي جيڪو وقت به وقت پنهنجو اثر رسوخ ڏيکاري به ٿو ته وري ڊيڄاري به ٿو .

ڳالهه جڏهن ماحول، ڀوتار ۽ ووٽ جي ڪيون ٿا اسان جا شهر اسان جي سامهون اچي هي شڪايت ڪن ٿا ٻيلي توهان پاڻ ته تباهه ٿي ويا پر اسان کي هنن ڀوتارن،  آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو اٿئو..! هنن ڀوتارن، ڪامورن ۽ ٺيڪيدران جي “3 مورتي” هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي. سڄي سنڌ ۾ اهڙو ڪوبه شهر نظر ڪونه ٿو اچي جنهن لاءِ اسان جي زبان تان هي لفظ اچارجن ته هي يا فلاڻو “شهر مثالي” شهر آهي.

پنهنجي وڏڙن جي واتان انگريزن جي تعريف ٻڌندا رهون ٿا چون: “مجال هئي جو ڪو ڀوتار يا ڪو ڪامورو غلطي ڪري يا پنهنجن منصبي فرضن کي نڀائڻ ۾ ڪا ڪوتاهي ڪري.بيلدار کي به ايڏا اختيار هوندا هئا جو هن جي سامهون نارن، نهرن، شاخن، ڪئنالز ۽ دريائن جي ٽاپن تي موجود وڻن کي ڪٽڻ جي ڪنهن کي همت نه ٿيندي هئي. بلڪل اهڙي طرح ڪچي جو علائقو قبضي هيٺ ڪونه هوندو هو.

شهرن جا دڳ تمام گهڻا ويڪرا هئا ۽ هرشام جو مک چونڪن تي فانوس نما بتي تيل سان ٻاري ويندي هئي جنهن کي“گولو” سڏيندا هئا ۽ رستن تي ڇڻڪار ڪيو ويندو هو. سرڪاري ادارا ۽ عمارتون شهر کان ٻاهر ڪافي پنڌ پري هوندا هئا. عملداري جو هڪ بهترين نظام موجود هو.”

بقول امرجليل جي ته: “ننڍي کنڊ تي مغلن پنهنجي ڪيئي صديون راڄ ۽ راڄنيتي ڪرڻ جي باوجود به ڪوبه اهڙو ادارو ڪونه جوڙيو جنهن جي مدد سان عوام ۾ علمي شعور جو ڏيئو ٻرندو رهي ۽ ڪنهن به علائقي ۾ مغلن کان آزادي وٺڻ جي تحريڪ ڪانه هلي. انگريز آيا. پاڻ سان گڏ ادارا سازي جو هنر ۽ جديد تعليم کي کڻي آيا.

اسڪول کوليائون، ٻار پڙهيا، شعور آيو ۽ ان شعور جي بدولت عوام محسوس ڪيو ته اهي انگريزن جا غلام آهن. پهريان شورش، پوءِ آزادي جو تحريڪون شروع ٿي ويون.” ننڍو کنڊ ٻه ٽڪر ٿيو. انگريز هليا ويا پر ٻنهي ملڪن جي عوام جي زندگي ۾ ڪا نمايان تبديلي ڪانه آئي عوام ڪالهه به غلام هو ۽ اڄ به آهي. نالي ماتر آزاديءَ  جي ڪري هڪ ملڪ پنهنجي اقتصادي برتري سبب خطي جو ڀوتار ۽ ٻيو ملڪ پنهنجي مذهبي برتري سبب خطي جو اوتار بڻجڻ جي ڊوڙ ۾ اهڙو ته شامل ٿي ويو آهي جو ٻنهي ملڪن جو عوام سماجي، معاشي ڌٻڻ ۾ وڃي ٿو هيٺ لهندو.

ڳالهه جڏهن ماحول جي صفائي جي ڪيون ٿا ته مونکي سنڌ جي ڪنهن به هڪ شهر جو نالو ٻڌايو جنهن جي آبادي اندر ڪوبه اهڙو ڪارخانو جيڪو ڇڙائي جي لاءِ هجي جهڙوڪ  ڪابه رائيس مل وغيرهه نه هجي يا اهڙا هزارين ڪارخانا ۽ فيڪٽريون شهرن اندر موجود نه هجن. ڇڏيو ان ڳالهه کي. ڀلا سنڌ جي ماحوليات کاتي جي ڪا ڪرڪردگي جو ئي ذڪر ڪيو. ايڏو وڏو کاتو آهي، کاتي کي سالياني بجيٽ به ملندي هوندي، ٻاهران ڊونر ايجنسين ۽ ملڪن پاران مختلف ماحولياتي رٿائن ۽ منصوبن جي نالي ۾ ڪروڙين نه پر اربين روپيا ملندا هوندا.

ڪاٿي ٿا لڳن؟ ڪاٿي ٿا خرچ ڪيا وڃن؟ يا هنن پيسن جي عيوض سنڌ جي ڪنهن به هڪ شهر جي ماحول کي ڪو مثال بڻايو ويو هجي! نالين کان وٺي گهٽين تائين، گهٽين کان وٺي روڊ رستن تائين توهان کي گندگي جا ڍير ئي نظر ايندا سواءِ هن جي ته ڪڏهن ڪو سياسي معتبر شهر جو ڪو هڪ عدد دورو ڪري ٿو يا وري عيدن وغيره تي صفائي ڪرائي وڃي ٿي سو به صفائي واري عملي کي ٻن ٽن مهينن جون پگهارون رڙائي رڙائي ڏيڻ بعد.

رائيس ملون جيڪي آبادي اندر موجود آهن اهي اڳ ۾ ته سياري ۾ هلايون وينديون هيون پر هاڻي جڏهن کان سارين کي خريد ڪري ذخيرو ڪرڻ جي رسم پئي آهي ته ٻارهوئي هلنديون رهن ٿيون ۽ عوام جي لاءِ هي به هڪ قسم جو آزار بڻيل آهن. ياد ٿو اچي ته اسان جڏهن صبح جو اسڪول وڃڻ لاءِ تياري وغيره ڪندا هئاسين ته اسان جا پير، منهن، وات ان بوسي، ڌوڙ ۽ توتڙي کان متاثر ٿيندا رهندا هئا جيڪي هوا سان گڏ اڏري اچي اسان جي گهرن جي آڳرن ۾ سياري جي پوري موسم ۾ پنهنجو ديرو ڄمائي ويهي رهندي هئي.آڳرن تي نظر وجهڻ سان اڇاڻ ئي اڇاڻ نظر ايندي هئي ۽ هي سلسلو اڄ به جيئن جو تيئن جاري آهي.

سنڌ جي ماحوليات کاتي کي هن سلسلي ۾ اڳتي اچڻ گهرجي ۽ سڄي سنڌ ۾ جتي جتي به رائيس ملز آبادين اندر آهن انهن کي هڪ پاليسي تحت نه صرف آبادين کان ٻاهر منتقل ڪيو وڃي پر شهرن کان به گهڻو ڏور ڪيو وڃي. هن سان گڏ ڪارخانن، ملن، يا ننڍين وڏين صنعتن کي لڳائڻ جي لاءِ ڪا منظم پاليسي جوڙي وڃي ۽ جيڪڏهن پاليسي اڳ ۾ ئي موجود آهي ته ان تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ڇاڪاڻ جو هي انساني صحت جو مسئلو آهي جيڪو ڪارخانن ۽ ملز جي ڪچري ۽ فضلي جي شڪل ۾ هنڌين هنڌين موجود هجڻ سان گڏ هوا ۾ به شامل ٿي رهيو آهي ۽ صحت کي هاڃيڪار نقصان پهچائي رهيو آهي.

انهيءَ حوالي سان هڪ قصو مشهور آهي ته ڪنهن ڳوٺ ۾ اصل گهرن سان لڳو لڳ هڪ مل لڳي رهي هئي. ڳوٺ ۾ ڪجهه اهڙا سڄاڻ ۽ سجاڳ ماڻهو به هئا جن پاران مل جي مالڪن جي آڏو دانهيو به ويو ۽ مل نه لڳائڻ جي عرضي پيش ڪئي وئي پر انهن هنن جي هڪ به نه ٻڌي تان جو معاملي جي نبيري جي لاءِ جڏهن ڳالهه کي ڪورٽ ۾ هڪ جج صاحب آڏو رکيو ويو ته ان به جهان خان وارو ئي فيصلو ڪيو، چيائين: “ابا مِلون شهرن ۾ نه لڳنديون ته ٻيو ڀلا جهنگ ۾ لڳنديون. مالڪن آخر پنهنجو ججهو ناڻو سيڙايو آهي. ميان وڃو وڃي پنهنجي ڪم ڪار سان لڳو.” بعد ۾ خبر پئي ته جج صاحب مالڪن کان پيسا ورتا هئا.