پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل ۾ کليل گٽرن ۾ 2 معصوم ٻارڙا ڪري ٻڏي فوت ٿي ويا، ان ڏس ۾ انڍڙ ڪالوني ۾ 4 ورھين جي نينگري ازنه انڍڙ ۽ مھيسر پمپ ويجھو نينگر اظھر شيخ کليل گٽر ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا،  علائقي واسين ۽ وارثن موجب ته  فوت ٿي ويل  نينگر ۽ نينگري راند ڪندي کليل گٽر نالين ۾ڪري ٻڏي ويا،   ٻنھي جي لاشن کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو، جتان قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا،  جڏھن ته ايمبولينس نه ھئڻ ڪري لاشن کي وارث موٽرسائيڪلن تي گھر کڻي ويا. ٻي پاسي اسپتال انتظاميه جو چوڻ آھي ته ھڪڙي ٻارڙي جي لاش کي ايمبولينس تي وارث کڻائي ويا ٻي جي لاش کي وارث پاڻ موٽرسائيڪل تي گھر کڻي ويا ايمبولينس جي گھر ڪونه ڪيائون.