ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کي ايڪسپورٽ  لاءِ انب پراسيس ڪرڻ واري ڪمپني خلاف 29 آگسٽ تائين ڪارروائي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو, عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته ڪمپني تي نه ڇاپو هنيو وڃي ۽ نه ئي وري درخواستگذار کي هراسان ڪيو وڃي, هوڏانهن درخواستگذار بابر دراني جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ايف آ۽ اي جي سب انسپيڪٽر ارم ياسر ۽ ٻين 24 جون تي بنا نوٽيس جي ڇاپو هنيو، جڏهن ته ايف آءِ اي کي ڪنهن به نجي ڪمپني تي ڇاپي جو اختيار ناهي، هن چيو ته 2014 تائين رڳو اسان ئي انبن کي پراسيس ڪري ايڪسپورٽ ڪندا هئاسين ، 2015 ۾ ٻين ڪمپنين اهو ڪم ڪيو، اسان جا ايران ۽ ٻين ملڪن سان ڪانٽريڪٽ پڻ ٿيل آهن