اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف جي يو آءِ جو ٺيڙهي باءِ پاس وٽ ڌرڻو

0
163

ٻٻرلوءِ (رپورٽ: حيدر مستوئي) اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلين ۽ چونڊ نتيجن ۾ ڦير ڦار خلاف جي يو آءِ جو ٺيڙهي باءِ پاس تي ڌرڻو جاري آهي، راشد محمود سومرو سميت صوبائي قيادت به ڌرڻي ۾ شريڪ آهي

ڌرڻي سبب قومي شاهراهه تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، مسافرن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي

راشد محمود سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جيڪڏهن آر اوز ۽ ڊي آر اوز کي تحفظ ڏنو وڃي ته ڪمشنر راولپنڊي وانگر 100 کان وڌيڪ آر اوز ۽ ڊي آر اوز بيان ڏيڻ لاءَ تيار آهن

هن چيو ته چئلينج ڪيان ٿو ته لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جي تڪن کي کوليو وڃي ته بلاول ڀٽو زرداري به هارائي ويندو

هي به پڙهندا

ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم