حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو قاسم آباد جي علائقي شيدي ڳوٺ ۽ ڳوٺ قادر بخش نوحاڻي پھتو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي ۽ زرداري سنڌ کي اٿيوپيا ۽ صوماليا بڻائي ڇڏيو آهي. پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولو سنڌ جي عوام کي پنھنجو غلام سمجھن ٿا. ھي صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ عوام دوستي ۽ جمھوريت جو ڪوڙو نعرو ھڻي ماڻهن کي بيوقوف بڻائين ٿا.   8 فيبروري تي عوام جي طاقت سان ڪرپٽ مافيا کي شڪست ملندي.