اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ جي درخواست  رد ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن پهريان فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ٻڌايو، چيف اليڪشن ڪمشنر فيصلي پڙهي ٻڌائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي هدايت موجب ڌرين کي ٻڌو، چونڊون اعلانيل شيڊول تحت ئي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو هو جنهن موجب 31 مارچ تي پولنگ ٿيندي. ٻڌڻي دوران خيبرپختونخواهه جي ايڊووڪيٽ جنرل مري سانحي جو حوالو ڏنو ته چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته مري سانحو حڪومت ۽ انتظاميه جي ناڪامي هئي. مري سانحي جي لاءِ اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو ڪوبه دليل ناهي. جمهوريت جي مضبوطي لاءِ مڪاني چونڊون تمام ضروري آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ 2 رڪني ڪميشن خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته مارچ جي آخر ۾ برسات، برفباري ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته موسميات کاتو اهڙي راءِ ڪيئن ڏئي سگهي ٿو ته اليڪشن ٿي سگهي ٿي يا نه؟ چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته گلگت بلتستان ۾ برف سان ڍڪيل ميدانن ۾ جلسا ٿيندا رهندا آهن. ايڊووڪيٽ جنرل رمضان المبارڪ جو ذڪر ڪيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر پڇاڻو ڪيو ته ڇا رمضان ۾ چونڊون نٿيون ٿي سگهن؟ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته اليڪشن ڪميشن هميشه روزيدارن جي سهولت لاءِ رمضان ۾ چونڊون ناهي ڪرائيندي.