ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ تان  ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کان رپورٽ گھري ورتي، چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن  ۾ مڪاني چونديون نه ڪرائڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، اليڪشن ڪميشن طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو ته اسان مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، سنڌ حڪومت سيڪيورٽي سميت مختلف مسئلن سبب چونڊون ڪرائڻ کان لاچاري ظاهر ڪري رهي آهي، هن چيو ته  اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن بابت پ پ، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف سميت مختلف پارٽين  جو 9 نومبر تي اجلاس طلب ڪيو آهي، درخواست گذارن جي وڪيلن جو چوڻ ھو ته مڪاني اليڪشن ٽي دفعا ملتوي ڪئي وئي آهي، انهي دوران ڪجھه اميدوار فوت ٿي ويا آھن، سنڌ حڪومت وري مڪاني اليڪشن نه ڪرائڻ لاءِ مختلف بھانا ڪري رھي آھي، عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٻڌڻي 10 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.