اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن  ۾ جمشيد اقبال چيما پاران اليڪشن ڪميشن تي لڳايل الزامن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جمشيد اقبال چيما اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿي چيو ته مون کي ڪالهه شام جو فون آيو، جنهن ڪري اڄ عدالت ۾ پيش ٿيس، ايندڙ هفتي منهنجي ڌيءَ جو نڪاح آهي، جنهن ڪري ڪجهه وقت ڏنو وڃي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جمشيد اقبال چيما کان الزامن جا ثبوت طلب ڪندي ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رهي ته جمشيد اقبال چيما اليڪشن ڪميشن تي پيسا وٺڻ ۽ ڌانڌلي ڪرڻ جا الزام هنيا هئا.