اليڪشن ڪالعدم ڪرڻ جي درخواست واپس، درخواستگذار کي پيش ڪرڻ جو حڪم، ڪيس هر صورت ۾ ٻڌنداسين: چيف جسٽس

0
105
جيڪڏهن آرڊيننس آڻڻا آهن ته پوءِ پارليامينٽ کي ئي بند ڪري ڇڏيو: چيف جسٽس
جيڪڏهن آرڊيننس آڻڻا آهن ته پوءِ پارليامينٽ کي ئي بند ڪري ڇڏيو: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ پاران عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندڙ درخواست گذار جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي،  درخواست گذار کي هر صورت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ درخواست جي ٻڌڻي هلائي، چيف جسٽس سوال ڪيو ته درخواست گذار علي خان ڪٿي آهي؟

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته درخواست گذار ته 13 فيبروري تي درخواست واپس وٺڻ لاءِ اپيل ڪئي هئي

 چيف جسٽس چيو ته پهرين درخواست داخل ڪن ٿا ۽ پوءِ گم ٿي وڃن ٿا، ڇا هي رڳو مشهوري لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي؟ درخواست گذار کي ڪيئن به ڪري پيش ڪيو، اسان هي ڪيس هلائينداسين

جسٽس مسرت هلالي چيو ته چونڊن بابت درخواست رڳو ٽي وي لاءِ داخل ٿي هئي، چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ائين نه هلندو، عام طور درخواست داخل ٿيندي ئي ميڊيا تي جاري نه ٿيندي آهي، سپريم ڪورٽ جو ائين مذاق بڻائي نه ٿو سگهجي

چيف جسٽس چيو ته درخواست گذار سان فون ذريعي ٻيهر رابطو ڪيو، ڪهڙي خبر هن درخواست داخل ڪرائي ئي نه هجي، ڪهڙي خبر درخواست گذار بعد ۾ اچي چوي ته مون درخواست واپس ورتي ئي نه آهي، عدالت ٻڌڻي 21 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

نگران وزيراعظم ٽيون ڀيرو به پيش نه ٿيو ته سندس خلاف ڪيس داخل ڪنداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ