اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جا فيصلا معطل ڪري ڇڏيا، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، عدالتي حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي مقرري مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي ٽربيونلز جي جوڙجڪ جو عمل مڪمل ٿيندو، جيئن ئي چيف جسٽس جي مقرري عمل ۾ اچي ته اليڪشن ڪميشن فوري مشاورت ڪري، ايندڙ ٻڌڻيءَ تائين لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ۽ اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل رهندا، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته آئيني ادارا پاڻ ۾ وڙهندا ته ملڪ تباهه ٿيندو آهي. وڪيل اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته اسان رجسٽرار هاءِ ڪورٽ کي ملاقات لاءِ خط لکيو آهي پر هن وقت تائين ڪو جواب ناهي آيو. عدالت اليڪشن ڪميشن کي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ سان مشاورت جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته بامعنيٰ مشاورت سان ٻئي هي تڪرار حل ڪري سگهن ٿا.