اقتدار جي آخري رات

0
183
نالي ماتر آزادي

 اها اسلام آباد جي عام رات نه هئي. هن اقتداري سازشن واري هن شهر جي مٿان، جڏهن به رات پنهنجي ڪاري چادر وجهندي آهي. جڏهن مارگلا پهاڙين جا پراسرار پاڇا پوڻ لڳندا آهن. جڏهن گهري اونداهيءَ مان ايندڙ جهنگلي جيوت روڊن تي رلندي نظر ايندي آهي. ان وقت اسلام آباد هڪ گهڙيءَ لاءِ سانت ۾ گهڙي ويندو آهي. پر ان رات اهو ڪجهه نه هو.

 اها اسلام آباد جي عام رات نه هئي. ان رات دير تائين شاهراه دستور تي وڏيون گاڏيون هلنديون رهيون. وزيراعظم هائوس مٿان هيلي ڪاپٽر جا پر وڻن کي وڪڙ کارائيندا رهيا. ڊيوٽيءَ تي موجود گارڊ ڪنهن به اوچتي حڪم جي تعميل لاءِ پاڻ کي تيار ڪري بيٺا رهيا. ان رات ملڪي صحافين جيان غيرملڪي سفارتڪار به دير تائين جاڳندا رهيا،

 اها اسلام آباد جي عام رات نه هئي. ان رات گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ گهري خاموشيءَ کي کوٽيندي رهي. ان رات جج ۽ جنرل خلاف معمول متحرڪ هئا. ان رات پري کان به پارليامينٽ هائوس جون روشيون ٻرنديون نظر اچي رهيون هيون ۽ ايوان ۾ گهري ماٺ بدران هڪ پرشور سيشن جاري هو. وقت گذرندو رهيو. ايوان هلندو رهيو. تاريخ سان گڏ حڪومت به تبديل ٿي وئي.

پاڪستان جي مٿان اهڙو پل اڳ ڪڏهن به نه آيو هو. هن شهر تاريخ جا تمام گهڻا تماشا ڏٺا آهن. هن شهر جي اکين اهو به ڏٺو آهي جڏهن جنرل ضياءَ جي حڪم تي جنرل فيض چشتي پنهنجا چاڪ و چوبند اهلڪار موڪلي وزيراعظم هائوس کي گهيري ۾ ورتو هو. هن شهر اهي منظر به ڏٺا آهن، جڏهن ٽرپل ون برگيڊ پرويز مشرف جي حڪم تي نواز شريف کي ملڪ جي مجرم وانگر گرفتار ڪري آئي هئي. هن ملڪ هن شهر اهي منظر به ڏٺا آهن، جڏهن پوري رات لال مسجد جو گهيرو جاري رهندو هو ۽ اندران ٻاهران هلندڙ گوليون آب پاره جي آس پاس لال ڪوارٽرن جي ڇتين مٿان ڳڙن وانگر ڪرنديون هيون. هن شهر اهي منظر به ڏٺا آهن جڏهن اسامه بن لادن جو آپريشن اقتداري حلقن جي مٿان وڄ وانگر ڪريو هو. پر هن ملڪ جي مورخ اهو ڪڏهن به نه ڏٺو هو ته رات جو اٺين کان پوءِ پوري ڏينهن جو ٿڪ لاهيندڙ پارليامينٽرينس شب بيداريءَ جهڙي موڊ سان انهن ڪرسين تي ويٺا هجن، جيڪي ڪرسيون ملڪ جي سياسي بحرانن جو بار کڻي ٿڪجي پيون هيون.

ان رات سوشل ميڊيا جا اهڙا آثار هئا، جهڙا عرب اسپرنگ وقت مصر جي ماڻهن جا! ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي گهڻا خوف ۽ خطرا هئا. اهڙي ماحول ۾ ته ڪجهه به ممڪن ٿي پئي سگهيو. ان ڪري ان رات صرف اسلام آباد نه پر ملڪي سلامتيءَ سان لاڳاپيل سمورا ادارا هاءِ الرٽ هئا.

پر ڇو؟ ڇو ته عمران خان اقتدار کي ائين ٻک هڻي ويٺو هو، جيئن ٻوڏ ۾ لڙهندڙ ڪمبل همراهه کي ٻک هنيو هو. هونءَ ته عمران خان کي اقتدار ۾ آڻيندڙ قوتون ڪافي وقت کان وٺي پنهنجي ڪئي تي پڇتائي رهيون هيون. پر ان رات ته رانديگر صفا حد ڪري ڇڏي. جهڙي طرح ڪنهن دور ۾ هڪ سنڌي فنڪار هڪ سنڌي فنڪاره سان ويڙهه ۾ ايترو وڌي ويو هو جو هن اهو جڳ مشهور ڪلام ٺاهيو ۽ ڳايو هو ته:

“جن ڇڏءِ ڀوت ڇڏءِ پر مان نه ڇڏيندوسانءِ”

ان رات اسلام آباد جي اقتدار سان چهٽيل شخص جي ڪيفيت به ڪجهه اهڙي هئي. جڏهن ته اعتبار وارن ذريعن مطابق ملڪي بحران جا ور وڪڙ ڏسي پراڻي خاتون اول ۽ ملڪ جي مشهور پيرڻي جا جن ڀوت به بني گالا مان ڀڄي ويا هئا پر هو ڪنهن به طرح سان اقتداري ايوان جي غلام گردشن کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار نه هو.

جيتوڻيڪ هن ڪنهن اڳوڻي صدر وانگر اسٽيبلشمينٽ کي اهو نه چيو هو ته مون کي وٺڻ لاءِ مرسڊيز نه پر ايوان صدر مان کڻڻ لاءِ ايمبولنس آڻجو. پر هن جو موڊ ڪجهه وڌيڪ ئي هو. هو جيڪو رپورٽن مطابق اقتدار جي آخري ڪلاڪن جي دوران ملڪ جي آرمي چيف کي هٽائڻ جا حڪم به ڪڍڻ لاءِ تيار هو. هو جنهن جا تيور ڏسي تحريڪ انصاف جا پراڻا اڳواڻ به حيران ۽ پريشان هئا. ان شخص کي اقتدار نه ڇڏڻ واري ضد تان لاهڻ جي لاءِ ڪنهن ڪنهن کي ايلاز نه ڪرڻا پيا هوندا؟ اهي خبرون ته آهستي آهستي ظاهر ٿينديون. توڙي جو عمران خان جي حڪومت خلاف صرف عدم اعتماد جي تحريڪ تحرڪ ۾ هئي. هن سرڪار خلاف ڪا فوجي بغاوت نه ٿي هئي. پر پوءِ به اسلام آباد جي ان پريشان ۽ پراسرار رات جي حوالي سان ڪو نه ڪو رٽائرڊ ٿيندڙ جنرل ممڪن آهي ته “روئيداد هڪ رات جي” واري عنوان سان پنهنجو گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪتاب لکي.

عمران خان جي سلسلي ۾ اڪثر سياسي ۽ صحافتي مبصر ان راءِ تي اتفاق ۾ هئا ته عمران ڪرسيءَ کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي. ڪنهن جو خيال هو ته هن کي جيل جو خوف آهي. ڪنهن جي راءِ هئي ته هو نفسياتي طور تي پنهنجي آپي ۾ نه رهيو آهي. پر هن جهڙي طرح آخري رات تائين ڊگهيون ڊگهيون تقريرون پئي ڪيون ۽ هو جهڙي ريت تمام گهڻو  ڪمپوزڊ Composed   رهيو،  ان مان اهو محسوس نه ٿي رهيو هو ته ڪو هن کي اقتدار جي مالي خوليا وڪوڙي وئي آهي. هن جي هر عمل ۽ هر لفظ مان هن جي ايندڙ وقت واري سياست ظاهر ظهور ليئا پائي رهي هئي. هن کي معلوم هو ته نائن اليون کان پوءِ پاڪستان ۾ “اينٽي انڊيا منجن” جو مارڪيٽ گهٽ پر “اينٽي آمريڪا معجون” جي ڊمانڊ وڌيڪ آهي. ممڪن آهي ته هن جي مٿي ۾ اهو سوداءُ به جاڳي اٿيو هجي ته هو اسلامي دنيا جو جديد سياسي خليفو به ٿي سگهي ٿو. پر هن پاڪستاني مزاج سان کيڏڻ جو فن اڄ به نه وساريو آهي. هو ڄاڻي ٿو ته هن خلق کي ڪهڙي ڌن تي ديوانو بڻائي نچائي سگهجي ٿو؟

عمران خان جي پوري اسٽائيل مان صاف ظاهر هو ته هو اقتدار کان الڳ ٿيڻ جي تڪليف کان وڌيڪ ان پلاننگ تي عمل پيرا هو ته هو پاڻ اقتدار مان نه هٽي پر هن کي اقتدار مان زوريءَ هٽايو وڃي ته جيئن هو ويندي ويندي پنهنجي مٿان مظلوميت جي مهر به هڻائيندو وڃي. اها حقيقت آهي ته سوشل ميڊيا تي هن جي مٿان اها ملامت ٿي رهي آهي ته هو اقتدار مان عزت سان نه ويو. پر عام ماڻهن وٽ هن جي لاءِ جيڪو همدرديءَ جو نئون احساس جاڳيو آهي، عمران جو ٽارگيٽ ان احساس کي حاصل ڪرڻ ئي هو ۽ هو ان ۾ وڏي حد تائين ڪامياب ٿيو آهي. هن کي خبر آهي ته جيڪڏهن هو اقتدار کان ماٺ ميٺ ۾ الڳ ٿئي ها ته هن کي عوامي همدردي حاصل نه ٿئي ها. هن اقتدار جي هن غلام گردش مان گوڙ شور سان روانو ٿيڻ کي ترجيح ڏني. سوشل ميڊيا جي سنسار ۾ هن مٿان سخت لفظن جي سنگ بازي ته ٿي رهي آهي پر هو پوءِ به عام ماڻهن جي چڱي خاصي انگ جي اندر ۾ پنهنجي لاءِ هڪ قسم جو نرم گوشو ٺاهي ويو آهي. هن جي حمايت ۾ جهڙي طرح پرڏيهي ملڪن ۾ احتجاج ٿيا آهن ۽ هن جي خاطر جيئن احساس جرم جو جذبو جاڳيو آهي، عمران خان ان کي وڏي پئماني تي ڪيش ڪرائيندو.

ملڪ ۾ موجود سياسي مونجهاري جو آخري حل وري به اليڪشنون آهن. عمران خان کي انهن چونڊن جي تياريءَ جو نه صرف ڀرپور وقت پر ڀلو ماحول به مليو آهي. اسان کي عمران خان جي حوالي سان هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻي پوندي ته عمران خان راند ۾ به جاويد ميانداد وانگر پاڪستان جو مشهور بيٽس مين نه رهيو آهي. هن جي وجه شهرت هن جي بالنگ هئي. بنيادي طور تي هو هڪ مغرور قسم جو اهڙو بالر هو، جيڪو پوري ٽيم کان الڳ ٿلڳ نظر ايندو هو. هن جي انهن ادائن تي هن جي دور جون مشهور عورتون موهيل هونديون هيون. مون کي معلوم ناهي ته عوام ۽ عورت ۾ ڪيتري هڪجهڙائي آهي؟ پر مون کي اها ڳالهه منڍ کان محسوس ٿي آهي ته هو عوام کي به عورتن جيان پنهنجي لڄاري ڄار ۾ ڦاسائڻ جو فن رکي ٿو. جهڙي طرح دنيا جي مشهور حسين عورتن عمران خان تي پنهنجي دل لٽائي، تهڙي طرح هن ملڪ جي مسڪين عوام به سياسي حوالي سان عمران خان کي پسند ڪيو آهي.

اها ٻي ڳالهه آهي ته هن عوام ۽ عورتن سان هڪ جهڙو رويو رکيو آهي.اهو عمران خان جيڪو پنهنجي دور جو فاسٽ بالر هو. اهو عمران سياسي ميدان تي به ڪامياب حزب اختلاف ۽ ناڪام حڪمران ثابت ٿيو آهي. هن ۾ ڪنهن شيءَ کي ٽارگيٽ بڻائي ان کي ڪيرائڻ جي ته ڀرپور صلاحيت آهي پر هو ڪنهن شيءَ کي اڀاري نه ٿو سگهي. جيڪڏهن هن ۾ ڊاهڻ سان گڏ ٺاهڻ جو فن به هجي ها ته پوڻا چار سال گهٽ وقت نه هو. پر هن جي اها ڳالهه به درست آهي ته هو مخالف ڌر ۾ اچي پنهنجن مخالفن جي نڪ ۾ دم ڪندو. ڇو ته هو بالر آهي. هڪ فاسٽ بالر آهي. هو سينچري ڀلي نه ٺاهي سگهي پر هو هڪ اوور ۾ ڪيتريون ئي وڪيٽون ڪيرائي سگهي ٿو. هن وقت ڏسڻو اهو آهي ته اقتدار جي هن نئين اننگ ۾ ڪير ڪيتري ڪاميابي ماڻي ٿو؟

سياست ۾ عزت صرف ڪاميابيءَ جي صورت ۾ ملندي آهي. عمران خان جي توهين آميز انجام تي هن جا عقلمند مخالف به خوش ناهن. ڇو ته ا نهن کي معلوم آهي ته نه صرف ليڊر ۾ پر پبلڪ ۾ به هڪ قسم جي انتقام جو جذبو پيدا ٿيندو آهي. عمران خان جي اقتدار جي آخري رات تمام گهڻي عجيب هئي. هن ان رات جيڪو ايڊوينچر به ڪيو، ان کان پوءِ هن لاءِ اهو چوڻ مشڪل ناهي ته هن وقت هو سڀني سان ڦٽائي ويٺو آهي. آمريڪا کان وٺي ملڪي اسٽيبلشمينٽ تائين هن هر ڪنهن سان کئونس ڪئي آهي. ڏسجي ته انهن جو ردعمل ڪهڙو ٿو بيهي؟ هو جنهن سڄي عمر امپورٽيڊ شيون استعمال ڪيون آهن. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هڪ حڪومت کي “امپورٽيڊ” قرار ڏئي، ان جي خلاف احتجاجي ميدان ۾ نڪتو آهي ته هو سياسي طور تي پهريان کان وڌيڪ سگهارو ثابت ٿئي ٿو يا نه؟