واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا افغان فوج جي ناڪامي جو اعتراف ڪري ورتو، گذريل ڏينهن ڪابل ۾ طالبان جي گهيراءُ ۽ قبضي کانپوءِ افغان صدر اشرف غني ملڪ ڇڏي نڪتو هو ۽ ان اهو بيان جاري ڪيو هو ته طالبان ڪامياب ٿي ويا، خونريزي کان بچڻ لاءِ  ملڪ ڇڏيو آهي. ان حوالي سان هاڻي آمريڪا به ڪابل جو طالبان جي قبضي هيٺ اچڻ کانپوءِ افغانستان ۾ افغان فوج جي ناڪامي کي قبول ڪيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو ته افغان فوج جي ناڪامي اسان جي اميدن کان وڌيڪ تيزي سان ٿي، جنهن افغان فوج کي گذريل 20سالن کان تربيت ڏني، هٿيار ڏنا، آمريڪا انهن جي طاقت ۽ صلاحيتن جو صحيح نموني اندازو نه لڳائي سگهيو. هن چيو ته انساني زندگي جي حفاظت جو ذمو هاڻي افغان ۾ طاقت ۽ اختيار رکندڙن جو آهي. هن چيو ته طالبان جو اصل امتحان هاڻي شروع ٿيو آهي، طالبان کي افغان قوم جو تحفظ ڪرڻو آهي ۽ مستقبل بهتر بڻائڻو آهي.