افغان عورتن تي سختيون، ڀارتي اداڪارا طالبان کي پِٽڻ لڳي

0
215
افغان عورتن تي سختيون

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ٽي وي اداڪارا عرفي جاويد طالبان پاران افغانستان ۾ عورتن جي اڪيلي سر سفر ڪرڻ تي پابندي خلاف سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي

ڪجهه ڏينهن اڳ طالبان سرڪار حڪم نامو جاري ڪيو هو، جنهن ۾ عورتن کي ويجهي مرد عزيز کانسواءِ اڪيلي سر سفر ڪرڻ کان روڪيو ويو هو، جنهن تي ڀارتي اداڪارا عرفي جاويد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.هن انسٽاگرام تي برقعي ۾ سفر ڪندڙ عورتن جي تصوير لڳائي اسٽوري پوسٽ ڪئي ۽ لکيو  ته طالبان جي زوال جي دعا ڪري رهي آهيان، ماڻهن تي زبردستي پنهنجو مذهب مڙهڻ بند ڪيو.عرفي جاويد ڪيترن ئي ٽي وي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو  آهي ۽ هوءَ مشهور ريئلٽي شو بگ باس ۾ به آن لائن سيزن  ۾ شريڪ ٿي هئي

واضح رهي ته عورتن جي سفر بابت طالبان جي حڪم نامي موجب 45 ميل (72 ڪلوميٽر) کان وڌيڪ سفر ڪندڙ عورتن سان گڏ ويجهي عزيز  مرد جو هجڻ ضروري آهي.افغان اختيارين پاران جاري ڪيل هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندڙ عورتن کي برقعي جي پابندي ڪرڻي آهي، گڏوگڏ حڪم نامي ۾ افغان عوام کي پنهنجي گاڏين ۾ موسيقي نه هلائڻ جي به هدايت ڪئي وئي