افغان سفير جي اغوا ٿيل ڌيءَ جو ڪيس 72 ڪلاڪن اندر حل ڪيو ويندو: گهرو وزير شيخ رشيد

0
311
افغان سفير

اسلام آباد: گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته افغان سفير جي اغوا ٿيل ڌيءَ جو ڪيس 72 ڪلاڪن اندر حل ڪيو ويندو. اغوا ڪيس جا تفصيل ٻڌائيندي شيخ رشيد چيو ته افغان سفير جي ڌيءَ پنڌ گهران نڪري مارڪيٽ پهتي، جتان هوءَ ٽيڪسي تي کڏا مارڪيٽ شاپنگ لاءِ آئي. اتان وري هن راولپنڊي لاءِ ٻي ٽيڪسي ۾ ويٺي. راولپنڊي مال کانپوءِ هوءَ ٽئين ٽيڪسي ۾ ويهي دامن ڪوه پهتي، جتان کانپوءِ سندس لوڪيشن هٿ نه آئي آهي. شيخ رشيد چيو ته افغان سفير جي ڌيءَ جو اغوا ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اميد آهي ته هڪ اڌ ڏينهن ۾ اغوا ڪيس جون ڪڙيون ملي وينديون.