افغان حڪومتي وفد پاڪستاني عملدارن سان ملاقات ڪئي، موقف جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا

0
17
افغان حڪومتي وفد پاڪستاني عملدارن سان ملاقات ڪئي، موقف جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا
افغان حڪومتي وفد پاڪستاني عملدارن سان ملاقات ڪئي، موقف جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا

دوحه ۾ پاڪستان ۽ افغان عبوري حڪومت جي نمائندن وچ ۾ غير معمولي ملاقات ٿي

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني-افغان وفدن جي ملاقات قطر جي راڄڌاني دوحه ۾ پاڪستاني سفير محمد اعجاز جي رهائشگاهه تي ٿي، وفد جي اعزاز ۾ ڊنر جو به انتظام ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستاني وفد جي سربراهه آصف دراني شرڪت ڪئي. ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني ڊپٽي هيڊ آف مشن عبيد الرحمان نظاماڻي به شرڪت ڪئي

ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان طالبان جي افغانستان جي عبوري حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد افغان وفد جي قيادت ڪئي، ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ دوحا 3 ڪانفرنس، ٻه طرفي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

سفارتي ذريعن موجب افغان عبوري حڪومت جي وفد ڪانفرنس ۾ افغان موقف جي حمايت ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا ۽ افغان عبوري حڪومت جي وفد عوامي سطح تي پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو

سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان عبوري وفد دوحه ۾ ڀارتي وفد سان به ملاقات ڪئي آهي

ٻئي طرف افغان طالبان ۽ حڪومتي ترجمان ذبيح الله مجاهد ايڪس اينڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آصف دراني ۽ ٻين پاڪستاني عملدارن سان ملاقات تمام سٺي رهي

هن چيو ته مهمان نوازي تي شڪر گذار آهيان، ٻنهي ملڪن لاءِ سٺا ۽ هاڪاري لاڳاپن جي اميد آهي