اسلام آباد (بيورو رپورٽ) افغانستان کان پرڏيهين جي اسلام آباد آمد، آمريڪا افغان ٽرانزٽ مسافرن جي منتقلي واري منصوبي ۾ تبديلي ڪندي پرڏيهين کي ڪراچي ترسائڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو. سول ايوي ايشن جي ذريعن موجب آمريڪا طرفان افغانستان مان آمريڪي ۽ اتحادي فوجين سوڌو غيرملڪين کي ڪراچي نه آڻڻ جو فيصلو سيڪيورٽي سببن جي ڪري ڪيو ويو آهي. افغانستان مان منتقل ٿيندڙ افغان شهري ۽ غيرملڪين کي هاڻ صرف اسلام آباد آندو پيو وڃي. ذريعن موجب آمريڪا افغانستان مان نڪرندڙ ماڻهن جي انگ ۾ به گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي ۽ افغان ٽرانزٽ مسافرن جي منتقلي جي لاءِ لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽس کي في الحال اسٽينڊ باءِ رکيو ويو آهي. ذريعن موجب ٽرانزٽ مسافرن جي منتقلي واري منصوبي ۾ تبديلي بابت سنڌ حڪومت کي به آگاهه ڪيو ويو. سول ايوي ايشن جي ذريعن موجب اسلام آباد آندل افغان ٽرانزٽ مسافرن کي گهٽ کان گهٽ وقت لاءِ پاڪستان منتقل ڪيو ويندو. اسلام آباد ايندڙ ٽرانزٽ مسافرن کي ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي ايئرپورٽ کان ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ڪيو ويندو، صرف انتهائي ضرورت وقت ئي ٽرانزٽ مسافرن کي اسلام آباد جي هوٽلز ۾ رکيو ويندو. هوڏانهن افغانستان مان طالبان جي ڪنٽرول کان پوءِ ڦاٿل پنهنجن ملازمن ۽ پرڏيهين کي کڻي گڏيل قومن جو خاص جهاز اسلام آباد پهچي ويو، سول ايوي ايشن ذريعن موجب خصوصي اڏام يو اين او 356 ايڇ ڪالهه ٻنپهرن جو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان افغانستان وئي هئي. ايوي ايشن ذريعن ٻڌايو ته آهي ته خصوصي جهاز افغانستان جي مزار شريف انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو جتان افغان شهرين ۽ پرڏيهي ملازمن کي کڻي خصوصي اڏام پاڪستان جي لاءِ رواني ٿي. بيچ 1900 ڊي جهاز شام 4 لڳي 51 منٽن تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي لٿو. جهاز ۾ ڪيترن مسافرن پاڪستان لاءِ سفر ڪيو؟ اها ڄاڻ فوري طور تي ناهي ملي سگهي. ذريعن موجب گڏيل قومن جي جهاز ذريعي پهچندڙ پرڏيهي ۽ افغان شهري ڪجهه ڏينهن پاڪستان ۾ ترسندا جنهن کان پوءِ کين  ٻئي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان سمورن مسافرن کي پاڪستان پهچڻ تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي مخصوص مدي جا ويزا جاري ڪيا ويندا.